عدالت جا فيصلا تڪراري ڇو بڻجي رهيا آهن؟

اسلام آباد ( تبصرو : سيد طلعت حسين ) ملڪ جي تاريخ ۾ عدليا جنهن خطرناڪ حدتائين ورهائجي چڪي آهي ان جو مثال ويجهي ماضيءَ  ۾ نٿو ملي جيتو ڻيڪ عدليا جو ماضي ڪو شانداريا فخر جو ڳو به نه رهيو آهي ان هوندي به هڪ ڀرم برقرار رهيو آهي پر هاڻو ڪين حالتن ۾ اهو ڀرم به ڀورا ڀورا ٿي چڪو آهي . نامياري صحافي سيد طلعت حسين اعلي عدليا جي تازي تڪرارتي تبصرو ڪندي چيو ته حالت اها آهي ته عدليا جا فيصلا تڪراري بڻجي رهيا آهن. وڏي ڳالهه ته ڪنهن به ڪيس لاءِ جيئن ئي ڪابئنچ جڙي ٿي ته ڪورٽ رپورٽر هڪدم فيصلو ٻڌائي ڇڏي ٿو ته هيءَ بئنچ هي فيصلو ڏيندي ۽ واقعي رپورٽر جي اها اڳ ڪٿي سچ ثابت ٿئي ٿي . اهاصورتحال ڇو پيدا ٿي آهي ۽ ڪنهن پيدا ڪئي آهي . حالت اها آهي ته سياسي فيصلن ۾به عدالت تي ڌرهجڻ جون آڱريون کڄي رهيون آهن ڇا ناڪاري سياست جا اثر عدالت تائين به اثر انداز ٿي چڪا آهن . هاڻي ته هر وڪيل جي به خواهش هوندي  آهي ته سندس ڪيس فلاڻي بئنچ ۾ هلي، ان جو سبب اهو هوندو آهي ته وڪيل کي ڪابه محنت نه ڪرڻي پوندي آهي کيس من پسند فيصلو ملي ويندو آهي، اها پسند ۽ ناپسد واري ورڇ سفر ڪندي ڪندي آخرڪار عدليا اندر پهچي چڪي آهي جنهن هربا شعور انسان کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي، عدليا ۾ اها صورتحال پيدا ٿيڻ جو  ڀلي ڪنهن کي به ذميوار  قرار ڏنو وڃي پر وڌ کان وڌ ذميوار عدليا پاڻ آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٿڌي دل ۽ دماغ سان هر فرد جائزو وٺي  ته ڪنهن  کان ڪٿي ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ۽ ان جي درستي ڪيئن ممڪن آهي، ڇو ته هاڻي ملڪ جي انتهائي اهم اداري جي تقدس ۽ ساک جو سوال آهي ، سياسي وابستگيون ۽ همدرديون هر شخص جو بنيادي حق آهي پر اداري کي غير جابندار هجڻ گهرجي ملڪ جي آئين ۾ ان جي واضح  وضاحت موجود آهي.

آرمي چيف جو مدي ۾ واڌ وٺڻ کان انڪار، نئون مقرر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (تبصرو: گوهر بٽ) اتحادي حڪومت واضح اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته موجوه آرمي چيف کي ملازمت مدي ۾ وڌيڪ واڌ نه پئي ڏني   وڃي، وزيراعظم شهباز نومبر جي پهرين هفتي ۾ نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيندو، نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته بچاءَ  واري  وزير خواجا آصف جي موقف مان واضح ٿي ويو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه کي ملازمت مدي ۾ واڌ نه پئي ڏني  وڃي. جنهن  کانپوءِ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته سينيارٽي فهرست ۾ پهرين نمبر وارو جنرل ٿيندو، آرمي  چيف ۽ ٻئي نمبر وارو جنرل جوائنٽ چيفس آف اسٽاف سروسز ٿيندو. رهيو سوال ته موجوده آرمي چيف ۽ عمران خان جي ملاقات جي به پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ ترديد ڪري ڇڏي آهي. جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا برگيڊ ۽ ڪارڪنن ۾ مايوسيءَ جي لهر ڊوڙي وئي آهي ڇا ڪاڻ ته اهم ملاقات جي افواهه  کانپوءِ پي ٽي آءِ وارا هنبوڇيون هڻي رهيا هئا ته معاملا طئه ٿي ويا آهن. چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿي رهيون آهن، انهن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويوآهي، جڏهن ته ڪجهه غير جابندار حلقن جو چوڻ آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه  ملازمت مدي ۾ واڌ وٺڻ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کانپوءِ حڪومت نئون آرمي چيف مقرر  ڪرڻ جو فيصلو ڪيوآهي.  جنهن بابت اڄ  شهباز شريف ۽ نواز شريف جي ملاقات ۾حتمي فيصلو ٿي ويندو.

لنڊن ۾ اڄ  ٿيندو نواز شريف، ڊار جي واپسي ۽ آرمي چيف بابت فيصلو

اسلام آباد (تبصرو: ڊاڪٽر دانش )  وزيراعظم  شهباز  شريف شهنگائي ڪانفرنس کانپوءِ لنڊن پهچي ويو آهي، جتي نواز شريف ، اسحاق ڊار جي واپسي ۽ آرمي چيف بابت  حتمي فيصلا  ڪيا ويندا. ڇو ته شهباز شريف روانگي کان اڳ آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري ۽  ٻين اتحادين سان اهم معاملن تي مشورا ڪري روانو ٿيو، پر ضرورت پوڻ تي اتحادين سان وڊيو ڪال تي صلاح مشورو ڪيو ويندو. آرمي چيف کي مدت ۾ واڌ ڏيڻ يا نئون مقرر ڪرڻ جو به حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ خواجا آصف به لنڊن روانو ٿي ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.