”ووٽ لاءِ ڊوڙندا اچو، سار ته نه تا لهو“: خورشيد شاهه جي رستا روڪ

پنوعاقل (رپورٽ:رستم انڍڙ) گھر ڪري پٽ پئجي ويا آهن، وبائي بيماريون پکڙجي ويون آهن، مڇرن جي آزار سبب انساني جانيون ۽ چوپايو مال مري پيو، پر ڪير به داد رسي وارو ڪونھي، پني عاقل ۾ خورشيد احمد شاھ آڏو تڪ جي ماڻھن جون دانھون، وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ جي رستا روڪ، سيد خورشيد شاھ رڳو دلاسا ۽ آسرا ڏيندو رھيو، ان حوالي سان وائرل ٿيل ويڊيو ۾ پنوعاقل ڀرسان ڳوٺاڻن سيد خورشيد احمد شاھ جو رستو روڪي مڇر مار اسپري ڪرائڻ ۽ مڇر دانين لاءِ چيو ، ڳوٺاڻن چيو ته اسان به توھان جا ووٽر آھيون، رڳو ووٽ وٺڻ اچو ٿا سار نه ٿا لهو، توهان جي گاڏي ۾ ويٺل ميان محمد عابد انڍڙ سڄو امدادي مال کائي ويو آھي، ان دوران سيد خورشيد احمد شاھه ڳوٺاڻن کي دلاسا ۽ آسرا ڏيندي روانو ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.