روس تيل، گئس سان گڏ ڪڻڪ جي به آڇ ڪئي، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ غور هيٺ ناهي: خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي، ته قوم کي گڏيل اتحاد ۽ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي متحد ٿي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، شنگهائي تعاون تنظيم ايس سي او جي اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڀرپور پذيرائي ملي، حالتن ۾ بهتري ايندي ته مهانگائي به گهٽ ٿيندي، صدر پيوٽن روس يوڪرين تڪرار تي پاڪستان جي نقطئه نظر کي ساراهيو، روس تيل ۽ گئس سان گڏ ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي به آڇ ڪئي آهي ڇو ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته  اداري جي روايت ۽ تقدس ان ڳالهه جي گهرجائو آهي، ته نئين آرمي چيف جي مقرري کي بحث جو موضوع نه بڻايو وڃي، هي آئيني فريضو آهي جيڪو وقت تي نڀايو ويندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايس سي او سربراهي مملڪت جي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو. هن چيو ته چين جي صدر  شي جن پنگ وزيراعظم کي چين جي دوري جي دعوت ڏني. نومبر جي پهرين هفتي ۾ چين جو دورو ڪندو. بچاءَ واري وزير چيو ته روس جي صدر پڻ وزيراعظم کي روس جي دوري جي دعوت ڏني جنهن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ايندڙ وقتن ۾ فصلن جي تباهه ٿيڻ سبب غذائي تحفظ جي حوالي سان مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون جن لاءِ عالمي، علائقائي ۽ پاڙيسري برادري جي مدد جي ضرورت پوندي. هن چيو ته آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ پاڪستان سان ٻيهر پنهنجي پروگرام شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسان جو ترجمان بڻيل آهي. هن چيو ته ان باوجود پاڪستان ۾ ناڪاري سياست جي رجحان ۾ گهٽتائي نه آئي. هن چيو ته وزيراعظم سمرقند مان واپسي تي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي آهي جنهن کان پوءِ هو ملڪه برطانيه جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ برطانيه ويندو. جتان هو جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ عوام جي مفادن ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ ذاتي مفادن ۽ انا کي اڳتي نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف جڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ هو ته ان وقت پڻ هن اسيمبلي ۾ ميثاق معيشت جي دعوت ڏني هئي، جيڪا رد ڪئي وئي هئي. اڄ پڻ معيشت تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. سياست جي وقت م سياست ٿيندي جڏهن ته چونڊون ٿينديون ته ميدان سجندو ته سياست پڻ ٿيندي پر ميثاق معيشت لاءِ اسان اڄ به تيار آهيون. سياست کي هڪ طرف رکي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته عمران خان اڄ تائين ٻوڏ ۽ ان سان ٿيل تباهي ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڳالهه نه ڪئي. اقتدار وڃڻ جو نشو ٽٽي رهيو آهي. هن نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته آئين ۾ جيڪو طريقو لکيل آهي ان مطابق موجوده وزيراعظم جيڪو هوندو اهو آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪندو. شهباز شريف نومبر ۾ ان جو فيصلو ڪندو. نواز شريف 4 ڀيرا آئيني فرض سرانجام ڏنا. هن چيو ته عمران خان هڪ ڏينهن آفر ڪري رهيو آهي ته وري ٻئي ڏينهن ان تان ڦري وڃي ٿو. هن چيو ته هن کي درخواست آهي ته ان معاملي کي بحث جو موضوع نه بڻايو وڃي، جهڙي طرح ميڊيا ۾ معاملو بحث هيٺ آهي ايئن ڪڏهن به نه ٿيو. اداري جي روايت ۽ تقدس ان ڳالهه ۾ آهي ته ان کي بحث جو موضوع نه بڻايو وڃي. هي آئيني فرض آهي ۽ وقت تي نڀايو ويندو. ايندڙ چونڊون آگسٽ م ٿينديون. هن چيو ته فوج جي سربراهه جون وفاداريون دستور، آئين ۽ اداري سان هونديون آهن، انهن کي تڪراري نه بڻايو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.