قمبر جي ڊسٽرڪٽ جج جا دورا، ٻوڏ متاثرن جون دانهون

قمبر (رپورٽ:محمود شيخ) قمبر جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاهد حسين ميتلو قمبر ضلعي جي ميروخان ۽ سجاول تعلقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڳوٺ آچر ڏاوچ ۾ ٽينٽ سٽي پهچي ٻوڏ متاثرن کي مليل سهولتن جي معلومات ورتي جتي ٻوڏ متاثرن بنيادي سهولتن سميت کاڌ خوراڪ پيئڻ جي صاف پاڻي نه ملڻ جي شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا متاثرن چيو ته ضلعي انتظاميا اسان جي واهر نه ڪري کاڌو اڻپورو ملي ٿو ڪيترن خاندانن کي خيما ناهن مليا جنهن ڪري سخت گرمي سبب وبائي بيماريون عام ٿي پيون آهن ان موقعي تي سيشن جج زاهد حسين ميتلو ٻوڏ متاثرن کي يقين ڏياريو ته اوهان کي مڪمل بنيادي سهولتون ڏياريون ويندو ضلعي انتظاميا جي عملدارن کي هدايتون ڏنيون آهن ته ٻوڏ متاثرن کي هر صورت ۾ خيما کاڌ خوراڪ سميت صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.