ڪراچي ۾ ڊينگي ڪيسن ۾ 100 سيڪڙو واڌ

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ ڊينگي جا وار تيزي سان جاري آهن، شهر ۾ هڪ ڏينهن ۾ ڊينگي ڪيسن ۾ 100 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، طبي ماهرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 403 ماڻهن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته مريضن جو اصل انگ ڪيترو وڌيڪ آهي، اسپتالن تي ڊينگي مريضن جو دٻاءُ وڌندو پيو وڃي، سڀ کان وڌيڪ ڪيس اوڀر ضلعي ۾ ٿيا، 116 ڄڻا اسپتال پهتا، ڪورنگي ۾ 107، سينٽرل ۾ 72، ڏکڻ ۾ 61، ملير ۾ 26، اولهه ۾ 12 ۽ ڪياماڙي ۾ 9 ڪيس ٿيا، حيدرآباد ڊويزن ۾ 16، لاڙڪاڻي ۾ هڪ، سکر ۾ ٻه ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ چار ڪيس رپورٽ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.