ٻڏي ويل شهر جهڏو ۾ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي

جهڏو(ن ع آ) جهڏو مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي لنگھه پراڻ ڍورو اندر پاڻي جي سطح ۾ لاٿ نه اچي سگهي آهي پراڻ جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڍورو ۾ مسلسل چاڙهه برقرار آهي، ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ هجڻ ڪري ايل بي او ڊي پراڻ جو پاڻي نه پئي کڻي جنهن سبب جهڏو شهر جو شيدي پاڙو، عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني،کوسا پاڙو، غلام حسين ڪالوني، اسلم ٽائون، عابد ڪالوني، سميت ڪيترائي علائقا ۽ سوين ڳوٺ بدستور پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ڄاڻايل علائقن ۾ 3 کان 6 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري شهر اندر پيئڻ جي پاڻي کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن سبب ٻوڏ متاثر گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، سرڪاري طور بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، هزارين ٻوڏ متاثرن جي ڪا به مدد نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.