ٿر جو ڪراچي ۽ حيدرآباد سان زميني رابطو ڪٽجي ويو

مٺي(رپورٽ: غازي بجير)زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ نه ڏيڻ ۽ قدرتي وهڪرا بحال نه ٿيڻ خلاف ٿرڪول واري روڊ تي لڳل ڌرڻي سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ٿر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي بند ٿي وئي آهي، جنهن سبب مٺي ۽ اسلام ڪوٽ کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ بدين طرف ايندڙ ويندڙ گاڏيون بند ٿي ويون آهن، ٻي پاسي نئوڪوٽ وٽان ايل بي او ڊي جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري اُتان به رستا بند آهن، جنهن سبب عوام سخت پريشان ٿي ويو آهي،کاڌي پيتي جو سامان نه پهچڻ ڪري ٿر جي شهرن ۾ شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته بيماري دوران ايمرجنسي ۾ ريفر ٿيندڙ مريض به دربدر آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.