نئين نيب قانون بعد شهباز، پرويز، حمزا ۽ گيلاني خلاف ڪرپشن ريفرنس واپس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب قانونن ۾ ترميم تحت نيب ريفرنسز ۾ جوابدارن کي وڏو رليف ملي ويو.نيب قانونن ۾ ترميم کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف، حمزا شهباز، راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف لاڳو الزامن سميت 50 ڪرپشن ريفرنس احتساب عدالتن واپس ڪري ڇڏيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس واپس ٿي ويو، جڏهن ته قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خلاف رينٽل پاور جا 6 ڪرپشن ريفرنس واپس ورتا ويا آهن.اهڙي ريت پ پ سينيٽر ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف يو ايس ايف فنڊ ۾ ڪرپشن جو ريفرنس واپس ورتو ويو آهي.ان کانسواءِ سينيٽر سليم مانڊوي والا، خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير سردار مهتاب عباسي ۽ پ پ سينيٽر روبينا خالد خلاف لوڪ ورثا ۾ مبينا خرد برد جو ريفرنس به واپس ورتو ويو آهي.نيب قانونن ۾ ترميم کانپوءِ مضاربا اسڪينڊل ۽ ڪمپنيز فراڊ جا ريفرنس به احتساب عدالتن مان واپس ورتا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.