مورو ۾ جج جا ڇاپا، راشن جا هزارين ڪٽا هٿ

مورو (رپورٽ: شاھنواز ڀٽي) مورو ۾ فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ شفقت حسين ڇڄڻ مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي گدام مالڪ امجد آرائين جي گدام مان ٻوڏ متاثرن جي راشن جا 2 هزار ڪٽا هٿ ڪري ورتا، ٻئي پاسي قومي شاھراهه تي ھڪ ھوٽل الڪريم جي ھڪ ڪمري مان 250 کان مٿي ۽ گودام الڪرم مان 02 ھزار کان مٿي راشن بيگ ھٿ ڪري ورتا، ڇاپي دوران گودام کي سيل ڪري گودام مالڪن کي ڪورٽ ۾ رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو  آهي، ان موقعي تي فرسٽ سول جج مئجسٽريٽ شفقت حسين ڇڄڻ ٻڌايو ته اسان کي راشن بيگ لڪائڻ جوڻ شڪايتون مليون ھيون جنھن تي اسان مختلف جڳھين تي ڇاپا ھنيا آھن جتان ھي سامان برآمد ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.