حڪومت رٽيلر لاءِ پيرا سيٽامول دوائن تي مارجن مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت ريٽيلر لاءِ پيراسيٽامول دوائن تي مارجن مقرر ڪري ڇڏيو، نيشنل هيلٿ سروسز وزارت پاران پيراسيٽامول گورين، سسپنشن ۽ سيرپ تي مارجن جي حد مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن مطابق ڪمپنيون ريٽيلر کي پيراسيٽامول تي 15 سيڪڙو تائين مارجن ڏئي سگهنديون، 15 سيڪڙو تائين ڊسڪائونٽ ڏيڻ تي اعتراض 3 ڏينهن ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا ٻئي پاسي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپينن نيشنل هيلٿ سروسز وزارت جي نوٽيفڪيشن تي اعتراض اٿاري ڇڏيو آهي، چيئرمين پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن منصور دلاور چيو ته حڪومت پيرا سيٽامول جي قيمت وڌائڻ بدران مارجن گهٽ ڪيو، پهرين ڪمپنيون گهٽ ۾ گهٽ 15 سيڪڙو تائين ڊسڪائونٽ مارجن ڏيڻ جون پابند هيون ۽ ڪمپنيون ريٽيلرز کي 30 سيڪڙو تائين به مارجن ڏينديون هيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.