سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون: سردار چانڊيو

وارهه(ع آ نيوز) پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي تي ڇتي تنقيد، هن چيو ته چوماسي برساتن دوران پاڻي کي رستو ڏنو وڃي ها ته ايتري تباهي نه ٿي ها، وارهه ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته وقت سر فيصلا نه ڪرڻ سبب سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، آبپاشي کاتي اهل هجي ها ته ايئن ڪٽ نه لڳن ها، 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ٻڌايو وڃي ته آبپاشي کاتي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، شاخن ۽ سم نالن جي کاٽي نه ڪرائي وئي، هن چيو ته اسان کي گڏيل عرب امارات مان ذاتي طور تي راشن ۽ تنبو مليا هئا، ڇاپو هڻائيندڙن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندڙ اڳواڻ به شامل هو، خبر آهي ته ڪنهن ڇاپو هڻائي ٽينٽ پڪڙايا، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.