ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي: سراج الحق

لاهور (پ ر) ا جماعت اسلامي جي  سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي رپئي جي قدر جي ڪابه حيثيت نه آهي ۽ بي وقعت ٿي ويو آهي. پي ڊي ايم ماضي ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيواقتدار ۾ اچي عوام تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي،هن  چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم معيشت جي تباهي جا ذميوار آهن. خراب حڪمراني ۽ تباهه ڪندڙ معاشي پاليسين سبب ملڪ جي صورتحال بهتر نه ٿي رهي آهي.وياجي معيشت ۽ ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي وانگر  کائي رهي آهي. حڪمران سياسي پارٽيون وڏيرن ۽ جاگيردارن  جا ڪلب آهن عام ماڻهوءَ کي انهن جاگيردارن ۽ ظالم سرمائيدارن کان ڀلائي جي ڪا به اميد ناهي،هن چيو ته اصل تبديلي اسلامي نظام سان ئي ايندي، حڪمرانن تباهي واري ٻوڏ دوران به پنهنجي مفادن لاءِ ويڙهه ڪندا رهيا. حڪمران آف شور ڪمپنين ۽ اوورسيز بئنڪن مان ذاتي اثاثا ۽ لٽيل دولت واپس آڻين. هڪ ايجنڊا تحت عوام کي مڪمل طور تي آئي ايم ايف جو غلام بڻايو ويو،هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ پنجاب جا لکين رهواسي ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن لکين ايڪڙ زرعي زمين، شهر، ڳوٺ پاڻي جي تلائن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. لکين ڍور ٻڏي ويا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون متاثرن جي مدد ڪرڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. عوام سرڪاري امداد جي غير شفاف ورهاست جي شڪايت ڪري رهيو آهي. هڪ طرف سنڌ جي اڌ آبادي ٻوڏن سبب متاثر ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف لکين ماڻهو مهانگائي، بيروزگاري ۽ لوڊشيڊنگ جي عذابن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.