سنڌ ۾ بيمارين ۾ وڌيڪ 12 ڄڻا فوت، سرڪاري اسپتالن ۾ به دوائن جي کوٽ

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين بعد انساني المئي جنم وٺي ڇڏيو آهي، ماڻهو بک ۽ بيمارين سبب فوت ٿي رهيا آهن، ڪالهه وڌيڪ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، ان سلسلي ۾  اڏيرو لال ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ هاشم هنڱورو ۾ 60 ورهين جو خدا ڏنو، منٺيا ۽ شير خان گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا،  صالح پٽ ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، چئن ڏينهن اندر فوتين جو انگ 9 ٿي ويو، ڪالهه ڳوٺ شھباز ڏنو کورکاڻي ۾ 5 ورهين جو محفوظ علي پٽ صدام حسين کورکاڻي ۽ ٽن سالن جي حسينا ڌيءُ امانت کورکاڻي فوت ٿي وئي، جنهن بعد متاثر ڳوٺاڻن نسيم کورکاڻي، فرحان کورکاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحت کاتي جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٻي پاسي ڳوٺ ورو ڀنڀرو ۾ مليريا وگھي 12سالن جو ضمير حسين پٽ غلام شبير شيخ فوت ٿي ويو. پنوعاقل جي تعلقي اسپتال مان ڊاڪٽر غائب هئڻ ڪري مليريا جا 2 ڄڻا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا آهن، ڊاڪٽر جي غير موجودگي ۾ مليريا وگهي 8 ورهين جي رحيمان ۽ 50 ورهين جو امداد انڍڙ اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، هفتي اندر فوتين جو انگ 7 ٿي ويو. ڏهرڪي جي هڪ نجي ڪلينڪ ۾ ٻن سالن جو ٻارڙو سلام پنهيار به مليريا سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو، سرڪاري اسپتال جي ايم ايس جي چارج تي ويٺل ڊاڪٽر غلام رسول چاچڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ مليريا جون دوائون موجود ناهن ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او کي لکت ۾ آگاهي ڏني ان باوجود دوا نه ٿي مهيا ڪئي وڃي.  جروار ويجهو يارولنڊ جي علائقي ڳوٺ مراد لنڊ ۾ 5 ورهين جي ستاره ڌي معظم لنڊ مليريا بخار سبب يارولنڊ جي خانگي اسپتال ۾  فوت ٿي وئي،  ٿرپارڪر ۾ به ڪيس وڌي رهيا آهن، ڊينگي بخار سبب تعلقي مٺي جي ڳوٺ بلال اوٺو جو رهائشي 21 سالن جو نوجوان حافظ قرآن ڪونڌر پٽ محبوب اوٺو ۽ تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ٽاهو ڀيل جي رهائشي 9 سالن جي ٻارڙي جيسو ڌي پانچو ڀيل فوت ٿي وئي. خانڳڙھ تعلقي جي ڳوٺ ساماڻو گبول ۾ 9 ورهين جو سجاد ولد ميرحسن گبول مليريا وگهي فوت ٿي ويو، لاڙڪاڻي ضلعي اندر ٻوڏ ۽ برسات کان پوءِ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي جنهن ڪري روزانو سوين مريض مليريا ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري لاڙڪاڻي ۾ مليريا جون دوائون، انجيڪشن ۽ ٽيسٽ ڪٽون اڻلڀ ٿي ويون، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سيد اطهر حسين شاهه اختيارين کي خط لکي چيو آهي ته مليريا جون دوائون، بيڊ نيٽس، اسپري پمپ، مليريا ٽيسٽ ڪٽون، مائڪرواسڪوپ مشينون، انجيڪشون ۽ ٻئي سامان جي سخت ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.