وڏو وزير ڦل اسپتال پهتو، عملي کان سهولتن بابت پڇاڳاڇا

ڦل(ن ع آ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نواب شاھ کان نوشھروفيروز ويندي اچانڪ ڦل اسپتال جو دورو ڪيو دوري دوران ڊاڪٽرن کان دوائن جي کوٽ بابت تفصيل پڇا جنھن تي عملي چيو ته دوائن توڙي سھولتن جي ڪا به کوٽ ناھي،جڏھن ته ڪافي عرصي کان ڦل اسپتال ۾ ڊاڪٽرن توڙي سھولتن جي کوٽ آھي رات جو پڻ ڪو به ڊاڪٽر مقرر ناھي ۽ برساتي پاڻي سبب ڦل شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مختلف بيماريون مليريا، ڪالرا، ٽائيفائيڊ سميت ٻيون بيماريون وبا جي صورت اختيار ڪري ويون آھن پر دوائون جو ٽارگيٽ نه وڌايو ويو آھي جنھن سبب ڳري رقم تي ٻاھران دوائون ورتيون وڃن ٿيون ۽ ٻوڏ سبب ايمرجنسي جي باوجود ايمبولينس گذريل ھڪ مھيني کان ناڪارا بڻيل آهي،ٻئي پاسي وڏي وزير ٻوڏ متاثر ڪئمپن توڙي ڳوٺن سميت روڊ رستن تي ويٺل کليل آسمان ۽ بي يارو مددگار متاثر خاندانن سان ڪا ھمدردي يا ملاقات نه ڪئي بنا پڇي روانو ٿي ويو نه ئي ڪو سندن لاءِ اعلان ڪيو،ياد رھي ھڪ مھيني ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاھ 2 دفعا ڦل شھر جو دورو ڪيو آھي پر ھن مھل تائين ڪو به متاثر خاندانن کي تڪڙو رليف ٽينٽ يا سھولتون نه مليون آھن نه وري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آھي نه وري مختيارڪار يا تپيدارن ٿيل نقصان جي وزٽ ڪري ريڪارڊ گڏ ڪيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.