ڪرغزستان ۽ تاجڪستان سرحدي تڪرار، جهڙپن ۾ 24 ڄڻا مارجي ويا

بشڪيڪ(م ڊ) ڪرغزستان ۽ تاجڪستان جي سرحدي علائقي ۾ ٿيل هٿياربند جهڙپن جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا فوت ۽ 90 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ترڪ ميڊيا مطابق ڪرغزستان جي صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ملڪ جي ڏاکڻي باتڪين علائقي جي اسپتالن ۾ 24 لاش آندا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڪرغزستان ۽ تاجڪستان جي فرنٽ لائين تي ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ جهڙپن وچ ۾ ڪرغز فرقي جا 90 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي تڪرار سبب خطي ۾ زمين، زرعي، آبپاشي، جانورن جي چارن ۽ اسمگلنگ ، روڊن جي عام استعمال ۽ سرحدن تي غيرقانوني اچ وڃ جي سببن جي بنياد تي خطي ۾ ڇڪتاڻ ڏٺي وڃي ٿي،

ڀارت ۾ شديد برساتون، ٻوڏ سبب 12 ڄڻا اجل جو شڪار، 3 زخمي

نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ترڪ سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق رياست اتر  پرديش جي وزيراعليٰ برجيش پاٺڪ چيو ته رياست جي گادي واري شهر لکنو ۾ 24 ڪلاڪن دوران 35 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. رياست ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب 2 گهر ڪرڻ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا اجل جو شڪار جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن.

وزيراعظم خراب موسم سبب ميانوالي ۽ ٽانڪ نه پهچي سگهيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته وزيراعظم شهباز شريف خراب موسم سبب ميانوالي ۽ ٽانڪ نه پهچي سگهيو،  زيراعظم شهباز شريف جو هيليڪاپٽر موسم جي خرابي سبب ميانوالي کان واپس ٿي ويو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي سلسلي ۾ پهرين ميانوالي ۽ پوءِ ٽانڪ وڃڻو هو. وزيراعظم کي ٽانڪ ۾ تعمير ٿيل 100 گهرن جو افتتاح ڪرڻو هو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي ٽانڪ جي گذريل ڏينهن جي دوري ۾ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جو واعدو ڪيو هو. موسم جي خرابي سبب وزيراعظم  کي ميانوالي کان اسلام آباد وڃڻو پيو. هن چيو ته وزيراعظم هوائي اڏي تي ٻوڏ متاثرن بابت جائزه اجلاس طلب ڪري ورتو ۽ وزيراعظم ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن بابت تازه ترين ڄاڻ حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم هوائي اڏي تي ٻوڏ متاثرن بابت اجلاس کان پوءِ لنڊن روانو ٿيندو.

وزيراعظم راڻي ايلزبٿ جي آخري رسمن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف برطانوي حڪومت جي دعوت تي راڻي ايلزبٿ جي آخري رسمن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ڇنڇر تي پرڏيهي آفس طرفان جاري بيان مطابق برطانوي دعوت تي وزيراعظم برطانيا جي راڻي آنجهاني ايلزبٿ جي لنڊن ۾ 19 سيپٽمبر تي سرڪاري سطح تي آخري رسمن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.