خيرپور ناٿن شاهه ۾ بک، اڃ ۽ بيمارين ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت

خيرپورناٿن شاهه(رپورٽر آزاد بخاري) خيرپورناٿن شاهه ۾ 19 ڏينهن کان شهر توڙي ڳوٺن مسلسل پاڻي بيهڻ جي ڪري پاڻي بدبودار ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، شهر توڙي ڳوٺن ۾ هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن شهر توڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو بک اڃ بيمارين ۾ هر روز مرڻ لڳا آهن، ڳوٺ گلڻ لانڊر ۾ 14 ورهين جو امير علي ولد ذوالفقار لانڊر ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو جنهن جو لاش ڳوٺ دودي لغاري جي ڳوٺ ڀرسان هٿ آيو، جڏهن ته گوزو لڳ ڳوٺ گل ٻنگ ۾ مشهور جيپ ڊرائيور استاد عثمان ٻنگ تيز بخار ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو، شهباز ڪالوني جو رهواسي مشهور رانڌو بورچي استاد قائم منگي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، شهر اندر ڦاٿل گڙدن جي مرض ۾ مبتلا نوجوان حافظ عبدالحميد ٻٻر بک ۽ اڃ وگهي فوت ٿي ويو، پرائيوٽ ٻيڙين ذريعي لاش جوهي بئراج آندو ويو جتي شهرين نوجوان جي وارثن ضلعي انتظاميا صحت کاتي خلاف احتجاج ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.