سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻن جو سنڌ سرڪار کان ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو مطالبو

سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن سڀاني ڏاهري، عمرا سمون، سنڌو ملاح، ساجده پرهياڙ ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪمرانن سنڌ کي اسرائيل بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڌرتي ڌڻي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته غير جهموري حڪمرانن رليف جي نالي تي سنڌ جي عوام جي تذليل ڪئي آهي. امداد جي نالي تي متاثرين کي پاڻ ۾ وڙهايو پيو وڃي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪئمپن اندر متاثرن لاءِ کاڌي پيتي سوڌو علاج جون ڪي به سهولتون ناهن، جڏهن ته ڪئمپن ۾ ترسيل عورتن کي بااثر ماڻهن جا واٺا جنسي طور هراسان ڪري رهيا آهن.

اڳواڻن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثر دربدري واري زندگي گھارڻ تي تي مجبور آهن، متاثرن لاءِ مليل امداد جا انگ اکر جاري ڪري سندن بحالي وارو ڪم شروع ڪيو وڃي.

 

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مٽياري جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مٽياري پهچي ڇنڊڻ موري جو معائنو ڪري برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو.

دوري دوران وڏي وزير برسات متاثرن جا مسئلا پڻ ٻڌا، جڏهن ته ٽينٽ سٽي ۾ قائم مدرسي ۾ پاڪ ڪتاب پڙهيندڙ شاگردن سان ملاقاق به ڪئي.

ان موقعي تي متاثرن وڏي وزير کان پنهنجن ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي کين وڏي وزير آٿت ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.