ڪنڊيارو: گهر جي ڇِت ڪري پئي، هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت

 

ڪنڊيارو (ويب ڊيسڪ) ڪنڊياري ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڪنڊيارو جي ڳوٺ حاجي صديق لاکو ۾ گهر جي ڇِت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا دٻجي ويا.

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ماڻهن کي ڪڍيو، جنهن مان 4 ڄڻن جا لاش هٿ آيا ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.

فوتين جي وارثن موجب تازين برساتن سبب گهر جون ڀتيون ۽  ڇت ڪمزور ٿي هئي، جنهن جي ڪري حادثو پيش آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.