جيڪڏهن توهان جا وارَ سڌا نٿا ٿين ته پريشان نه ٿيو؟ حل هن خبر ۾ اٿوَ

 

وارَ ننڍا هجن يا وڏا، عورتن جي خوبصورتي وارن ۾ لڪل هوندي آهي، جنهن جا جيترا وڏا وار ان کي ايترو وڌيڪ خوبصورت سمجهيو ويندو آهي پر وارَ سولائيءَ سان وڏا ناهن ٿيندا، انهن لاءِ وڏا جتن ڪرڻا پوندا آهن.

ڪجهه عورتن جا وارَ ته قدرتي ڊگها ۽ مضبوط هوندا آهن پر جن جا ناهن هوندا، اهي وارَن کي وڏو ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ هر قسم جون دوائون ۽ ٽوٽڪا استعمال ڪنديون آهن پر انهن جا وارَ ناهن وڌندا.

جن عورتن جا وار ناهن وڌندا ۽ سڌا ناهن ٿيندا، انهن لاءِ هيئر ايڪسپرٽس جو هي نخسو تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو.

وارَ مضبوط ۽ سڌا ڪرڻ جو طريقو:

ٽي چمچا ڪيسٽر آئل ۾ 3 چمچا زيتون جو تيل، 3 چمچا بادام جو تيل، هڪ چمچو ڪنوار ٻوٽي جي جيل شامل ڪري چڱي طرح ملايو، جڏهن اهي سڀ چڱي طرح ملي وڃن ته وارن ۾ لڳايو، ڀلي رات جو هڻي صبح جو ڌوئي ڇڏيو يا ڏينهن جو هڻو، اهو وارَ مضبوط ڪرڻ جو سڀ کان اهم نسخو آهي.

ان سان نه رڳو وارَ تڪڙي وڏا ٿيندا پر جيڪڏهن توهان جا وار سڌا ناهن ته اهي سڌا ۽ لَسا به ٿي ويندا، شرط اهو آهي ته هن نسخي تي توهان کي پابندي سان عمل ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.