حڪومت ريٽيلر لاءِ پيراسٽامول دوائن تي مارجن مقرر ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ريٽيلر لاءِ پيراسٽامول دوائن جو مارجن مقرر ڪري ڇڏيو.

نيشنل هيلٿ سروسز وزارت طرفان پيراسٽامول گورين، سسپنشن ۽ سيرپ تي مارجن جي حد مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ موجب ڪمپنيون ريٽيلر کي پيراسٽامول تي 15 سيڪڙو تائين مارجن ڏئي سگهنديون، 15 سيڪڙو تائين ڊسڪائونٽ ڏيڻ تي اعتراض 3 ڏينهن ۾ جمع ڪرائي سگهبا.

هوڏانهن دواساز ڪمپنين نوٽيفڪيشن تي اعتراض واريو آهي.

پاڪستان فارماسوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن چيئرمين منصور دلاور خان چيو آهي ته حڪومت پيراسٽامول جي قيمت وڌائڻ بدران مارجن گهٽ ڪري ڇڏيو، اڳ ئي ڪمپنيون گهٽ ۾ گهٽ 15 سيڪڙو ڊسڪائونٽ مارجن ڏيڻ جون پابند هيون ۽ ڪمپنيون ريٽيلر کي 30 سيڪڙو تائين به مارجن ڏينديون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.