ٻوڏ سبب وڌيڪ 37 حياتيون ضائع، انگ 545 ٿي ويو

وزيراعظم شهباز شريف سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فوري ڪمبل ۽ ٻارن جي خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪم ڪن ڇاڪاڻ ته اتي وڏي ضرورت آهي

برطانيا وڃڻ کان پهريون هڪ انٽرويو ۾ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انهن تمام ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن ٻوڏ جي صورتحال کي ڏسندي امداد ڪئي.هن چيو ته محدود وسيلن جي هوندي اربين رپيا خرچ ڪري چڪا آهن ۽ ستر ارب رپيا وفاق مان فنڊ ڏنو آهي ۽ اٽڪل ٽيهه ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت خرچ ڪيا آهن

هن ٻڌايو ته مليل سروي ڪري رهيا آهن ۽ اندازو پيا لڳائن ته سمورن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان ڪيترو ٿيو آهي ۽ پوءِ صوبن سان ملي وفاق مان جيترو تباهين جو ازالو ڪري سگهيا سو ڪبو.

هن چيو ته متاثرن جا بجلي بل معاف ڪيا آهن جڏهن ته انتظاميا سميت فوج امدادي ڪم ۾ اڳڀرا آهن

وزيراعظم شهباز شريف سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته ڪمبل ۽ چادرون ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فوري پهچائڻ گهرجن ۽ ساڳي ريت ٻارن جي خوراڪ گهڻي ضروري آهي

هن چيو ته سرندي وارن ڏانهن سفيد پوش ماڻهو نهاري رهيا آهن ته سندن مدد ڪئي وڃي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل چوويهه ڪلاڪن ۾ ٻوڏ سبب مختلف واقعن ۾ هن وقت تائين ستٽيهه ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا آهن جنهن بعد فوتين جو انگ پنج سو پنجيتاليهه ٿي ويو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.