پنو عاقل: عورت جي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او گرفتار

پنو عاقل ( ويب ڊيسڪ ) پنو عاقل ويجهو رضا ڳوٺ ۾ عورت جي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ٻارنهن سپٽمبر تي ڀائرن پنهنجي ڀيڻ تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو هو، ايس ايڇ او قتل لڪائڻ لاءِ مخالفن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جوابدارن جي فرياد ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ ايس ايڇ او سميت ٻيا چار جوابدار نامزد آهن، جڏهن ته معاملي تي ايس ايس پي پاران 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا وڌيڪ جاچ ڪندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.