پنجاب جو اڍنگو رويو، سنڌ جو امدادي سامان روڪي ڇڏيو

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ الزام هنيو آهي ته پنجاب حڪومت سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان روڪي ڇڏيو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته امداي سامان لاءِ وينڊرز کي سنڌ حڪومت ادائيگي ڪئي پر پنجاب حڪومت امدادي سامان روڪي ڇڏيو آهي، پنجاب حڪومت متاثرن جي امداد روڪي ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي؟

هن وڌيڪ چيو ته هاڻ سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي، پاڻي جي نيڪالي جي عمل کي هاڻ تيز ڪيو پيو وڃي، جيستائين متاثر پنهنجي گهرن ڏانهن نه ويندا رليف جو ڪم هلندو رهندو.

سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن کي واپس گهر موڪليو پيو وڃي، انهن کي راشن جا ٿيلها ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت به ڏني پئي وڃي.

شرجيل ميمڻ چيو ته معاوضو ڪنهن جاني نقصان جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي، ڪيترن ئي خاندانن جا ڪمائيندڙ لاڏاڻو ڪري ويا آهن، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10- 10 لک رپيا معاوضي طور ڏنا ويندا.

صوبائي وزير چيو ته ڏيڍ ڪروڙ آبادي متاثر ٿي آهي، جن جا گهر ڊهي پٽ ٿيا آهن، انهن کي گهر تعمير ڪري ڏنا ويندا، متاثرن جي خدمت ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.