صحت جي عالمي اداري پاڪستاني عوام لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي!

 

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پاڪستاني عوام کي پنهنجي مرضي سان دوائن جو استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ڊبليو ايڇ او جي نمائندي موجب پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو وڏي پئماني تي استعمال ڪيو پيو وڃي، اينٽي بائيوٽڪس جي وڏي پئماني تي استعمال سان جراثيمن ۾ انهن دوائن خلاف مزاحمت وڌي رهي آهي.

صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايڪس ڊي آرٽائيفائيڊ جهڙي خطرناڪ مرض کي منهن ڏئي سگهي ٿو، اهو ئي حال رهيو ته وڌيڪ اينٽي بائيوٽڪس بيمارين خلاف بي اثر ٿي وينديون.

ڊبليو ايڇ او جي نمائندي چيو ته ڊاڪٽر جي صلاح بنا دوائن جو استعمال نه ڪيو وڃي، دوائن جي غلط استعمال، سڃاڻپ ۾ غلطين، علاج ۾ ڪوتاهي سان لکين ماڻهو حياتيون وڃائي ويهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.