خبردار! پوپٽن جي اُڏرڻ جي صلاحيت ڪمزور، انساني جياپي تي به هاڃيڪار اثر پوندا

ڪئناڊا جي يونيورسٽي آف برٽس ڪولمبيا ( يو بي سي ) جي هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته  زمين تي وڌندڙ گرمي پد جا اثر پوپٽن کي پڻ بري طرح متاثر ڪري سگهن ٿا.

ايڪولوجيڪل اينٽومولوجي نالي جنرل ۾ ڇپيل تحقيق پٽاندڙ زمين تي گرمي پد ۾ واڌ سبب پوپٽ ننڍڙا ٿي ويندا جيڪي تمام گهٽ گلن تائين پهچي تمام گهٽ پولن حاصل ڪري سگهندا.

ڊاڪٽر مشيل سينگ پنهنجي هڪ ساٿي سان گڏ ليبارٽري  اندر پوپٽن جي مختلف گرمي پدن ۾ پالي هڪ تجربو ڪيو .

تحقيقي تجربن دوران کين اهو معلوم ٿيو ته جيترو وڌيڪ گرمي پد وڌايو ويو اتي موجود پوپٽن پنهنجي جسامت ۾ ايتريون ننڍيون رهيون، جنهنڪري اها ڳالهه واضح ٿي ته موسمياتي تبديلين سبب زمين تي وڌندڙ گرمي پد ڪهڙي نموني ننڍن جاندارن ۽ مکين تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

تجربن دوران سائسندانن طرفان خاص اوزارن ذريعي ڪيل مشاهدي مان کين اهو معلوم ٿيو ته ننڍڙن پوپٽن کي وڏن پوپٽن جي ڀيٽ ۾ اڏرڻ ۾ ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو هو ۽ ننڍن پرن سبب سندن اڏرڻ جي رفتار پڻ تمام گهڻي سست هئي.

جنهن کانپوءِ سائنسدانن فطري ماحول ۾ واڌ ويجهه حاصل ڪندڙ سئو پوپٽن جو مشاهدو ڪيو ۽ انهن جي جسامت کي ماپيو ويو، ان دوران ماهرن کي اهو معلوم ٿيو ته ليبارٽري ۾ پليل وڏن پوپٽن جي ڀيٽ ۾ انهن جي منهن تي گهٽ پولن موجو هو ۽ اهي تمام گهٽ ٻوٽن تائين وڃي رهيا هئا.

ڊاڪٽر مشيل جو چوڻ آهي ته مکين سان گڏوگڏ پوپٽ پڻ دنيا جي پنجهتر سيڪڙو فصلن لاءِ تمام ئي اهم پولينيٽرز آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلين سبب پوپٽ پنهنجي جسامت ۾ ننڍڙا ٿي رهيا آهن ته ان جا اسان جي فوڊ سسٽم تي پڻ تمام گهڻا هاڃيڪار اثر پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.