مني لانڊرنگ ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو، جيڪولين جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) 200 ڪروڙ رپين جي ڀتا خوري ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث، ٿاڙ جيل ۾ قيد جوابدار سڪيش چندر شيکر سان پنهنجي واسطي بابت اداڪارا جيڪولين فرنينڊس نوان انڪشاف ڪيا آهن.

مني لانڊرنگ ڪيس جي مرڪزي جوابدار سڪيش جي مني لانڊرنگ ۾ مدد ڪندڙ ۽ کائنس تحفا وٺڻ جي الزام ۾ اڄڪلهه ڀارتي اداڪارائون جيڪولين فرنينڊس ۽ مشهور رقاصا نورا فاتحي جاچ کي منهن ڏئي رهيون آهن.

دهلي پوليس جي ئي او ڊبليو ونگ پاران ٻنهي اداڪارائن سوڌو بالي ووڊ جي وڌيڪ مشهور شخصيتن کان به جاچ ڪئي پئي وڃي.

اسپيشل ڪمشنر آف پوليس رويندر يادو ميڊيا سان ڳالهائيندي جيڪولين پاران ڏنل بيان بابت ٻڌايو.

رويندر يادو ٻڌايو ته جاچ دوران اداڪارا جيڪولين اعتراف ڪيو آهي ته هن جا جوابدار سڪيشن سان لاڳاپا هئا، جيڪولين سڪيش بابت گھڻي سنجيده هئي ۽ هن کي پنهنجي خوابن جو شهزادو سمجهندي هئي، جيڪولين جو سڪيش چندر سان شادي جو ارادو به هيو.

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جيڪولين فرنينڊس سڪيش چندر شيکر جي پيار ۾ ان ريت ٻڏي چڪي هئي جو هن جا ڏوهه ظاهر ٿيڻ باوجود به اداڪارا مسلسل سڪيش سان رابطي ۾ هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.