ماءُ پيءُ جي موجودگي ۾ ٻارڙي سوفي ۽ ڀت وچ ۾ ڦاسي موت جو کاڄ بڻجي وئي !

لنڊن (ويب ديسڪ) برطانيا ۾ هڪ ننڍڙي ٻارڙي صوفي ۽ ڀت وچ ۾ ڦاسي موت جو کاڄ بڻجي وئي.

ڪيسيڊي بلوسم اوڪلي نالي ٻارڙي جي پيءُ جيڪب ۽ ماءُ ميگهن عدالت ۾ ٻڌايو ته رات جو هو ننڍڙي کي بستر تي ننڊ ڪرائي پاڻ به سمهي رهيا هئا ته اوچتو سندن اک کلي.

هنن ڏٺو ته ٻارڙي سوفي پٺيان سوڙهي جاءِ ۾ ڦاٿل هئي ۽ ساهه به نه کڻي رهي هئي.

ٻارڙي جي ماءُ عدالت کي ٻڌايو ته سندس ڌيءَ رڳو 6 هفتن جي هئي جيڪا ايتري قابل نه هئي جو بستر تان لهي سوفي پٺيان وڃي ها.

طبي ماهرن عدالت کي ٻڌايو ته ٻارڙي ساهه ٻوساٽجڻ ۽ دل بيهڻ سبب فوت ٿي وئي آهي.

ٻئي پاسي پوليس جاچ ۾ ٻارڙي جي موت کي حادثاتي قرار ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.