پي ٽي آءِ حڪومت جو وڌيڪ هڪ ڪارنامو وائکو

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ)  جي حڪومت ۾ گيس بابت هڪ رپورٽ سامهون آئي آهي. گيس جي کوٽ سميت ڪنيڪشنز لڳائڻ بابت اوگرا تفصيلي رپورٽ ميڊيا سامهون آندي آهي.

تفصيل موجب توانائي جي بحران باوجود عمران خان حڪومت گيس ڪنيڪشز جوڙيندي رهي. اوگرا پاران تحريڪ انصاف جي حڪومت واري دورٻه هزار ويهه کان ٻه هزار ايڪويهه جي رپورٽ جاري ڪندي اوگرا ٻڌايو آهي ته گيس بحران کانپوءِ به چار لک ستهٺ هزار نون گيس واهپيدارن جو واڌارو ڪيو ويو هو، مالي سالٻه هزار ويهه کان ايڪويهه ۾ پنجاب ۾ ٽي لک چوونجاهه هزار نوان گيس ڪنيڪشنز اڏيا ويا

رپورٽ موجب سنڌ ۾ ست هزار هڪ سو ٻاونجاهه، خيبر پختونخوا ۾ ڇاهٺ هزار ٻه سو نو جڏهن ته بلوچستان۾ ارڙهن هزار ٻه سو چوراسي نوان گيس ڪنيڪشنز جاري ٺهيا، مالي سال ٻه هزار ويهه کان ايڪويهه ۾ چار سو ايڪويهه نون ٻهراڙي علائقن کي گيس نيٽورڪ فراهم ڪيا ويا، روڊ بائورز ايل پي جيءَ جي واهپي لاءِ پنجن لائسنس کي پڻ جاري ڪيو ويو

رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته تيل ڪمپنين ملڪ ۾ ٽي سو اڻاسي، پنجانوي ميٽرڪ ٽن واڌآئل کي ذخيرو ڪيو، ملڪ ۾ پيٽرول جا پنجاهه هزار اڻويهه ميٽرڪ ٽن کي اسٽور ڪيو ويو، مالي سال ٻه هزار ويهه کان ايڪويهه ۾ڊيزل جو پنجيتاليهه هزار ٽي سو سٺ ميٽرڪ ٽن زخيرو ڪيوويو، اوگرا گيس واهپيدارن کي يارنهن ڪروڙ ٽياسي لک رپيا ريليف فراهم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.