“ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ ڪيئي مهينا لڳي ويندا“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو دورو ڪرڻ بعد آمريڪي ڪانگريس رن شيلا جيڪسن ٻوڏ متاثرن جي صورتحال تي آمريڪي نمائندن جي ايوان کي آگاهي ڏني آهي.

پنهنجي بريفنگ ۾ هن چيو ته حد نگاهه تائين پاڻي ئي پاڻي، ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ ۾ ڇهن مهينن کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو، پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ تيزي سان بيماريون پکڙي رهيون آهن.

ڪانگريس رڪن ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد لاءِ  اپيل ڪئي ۽ ايوان کي پاڪستان جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جون تصويرون ڏيکاريون ۽ چيو ته اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هي تاريخي موقعو نه وڃائڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.