موٽورولا سامسنگ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ 2 بهترين فونز پيش ڪري ڇڏيا

آمريڪي ملٽي نيشنل موبائيل ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني موٽرولا پنهنجي اِي سيريز جا ٻه سستا ۽ معياري فون متعارف ڪرايا آهن.
ڪمپني تقريبن هڪجهڙن فيچرز سان گڏ اِي 22 ۽ اِي 22 آءِ متعارف ڪرايا آهن پر ٻنهي جو آپريٽنگ سسٽم مختلف آهي، جنهن سبب انهن جي اگهن ۾ به ڪجهه فرق آهي.
ٻئي فون 5.6 انچ اسڪرين سان پيش ڪيا ويا آهن ۽ پاسي تي فنگر پرنٽ سينسر ڏنل آهي.
ٻنهي فونن جي پوئين پاسي ٻه ڪيمرا آهن، جن مان مکيه ڪيمرا 16 ميگا پڪسل آهي جڏهن ته ٻيو 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا آهي.
ايِ 22 ۽ اي 22 آءِ جي فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪيمرا پڻ ڏني وئي آهي ۽ ان جي ٽيڪنالاجي کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.
ايِ 22 ۾ ڪمپني جي پنهنجي MyUX سان گڏ اينڊرائيڊ 12 آپريٽنگ سسٽم موجود آهي، جڏهن ته اي 22 آءِ بوٽس اينڊرائيڊ 12 آپريٽنگ سسٽم سان متعارف ڪرايو ويو آهي.
ٻئي فون MediaTek Helio G37 چپ تي ڪم ڪن ٿا ۽ ٻنهي ۾ 4020 mAh جي بيٽري آهي.
ٻئي فون 4GB ريم ۽ 64GB ميموري ڪارڊ ۽ فاسٽ چارجنگ سان مختلف رنگن ۾ متعارف ڪرايا ويا آهن.
اي 22 ۽ اي 22 آءِ شروعاتي طور تي آمريڪا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويا آهن پر جلد ايشيا سميت ٻين علائقن ۾ به دستياب هوندا.
اي 22 جي پاڪستاني قيمت 31 هزار رپيا جڏهن ته اي 22 آءِ جي قيمت 28 هزار رپيا کان وڌيڪ رکي وئي آهي، جنهن سبب ٻنهي فونن کي سستو ۽ معياري فون قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.