امامن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ حضرت امام حسين عه ۽ سندن ساٿين جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.

مختلف شهرن ۾ جلوسن ڪڍي عزاداري ۽ نوحا خواني ڪئي وئي، ان حوالي سان سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ويا.

ڪراچي

ڪراچي جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان منجهند هڪ وڳي نڪتو، جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو امام بارگاهه حسينيا ايرانيان ۾ پڄاڻي تي پهتو.

جلوس جي حوالي سان مختلف رستا ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا، جڏهن ته موبائل فون سروس پڻ بند رهي.

لاهور

لاهور جي ڊي آءِ جي آپريشنز افضال احمد ڪوثر موجب جلوس جي رستن تي 8 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا، ڪميونٽي رضاڪار، ايليٽ فورس ۽ سادي لباس ۾ پوليس جوان به مقرر ڪيا ويا.

اسلام آباد

اسلام آباد پوليس چيو ته چاليهي جو مرڪزي جلوس خير خيريت سان گذري ويو.

اسلام آباد پوليس ٽوئيٽ ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ ۽ پروپئگنڊا کان پاسو ڪيو وڃي، ائين ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

راولپنڊي

راولپنڊي ۾ به چاليهي جو جلوس نڪتو، پوليس موجب 3 هزار 600 کان وڌيڪ پوليس ۽ 236 وارڊنز کي مقرر ڪيو ويو.

اهڙي ريت ملڪ جي ٻين شهرن پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ به ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جلوس ڪڍيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.