نئين آرمي چيف جي مقرري بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان جي اقتدار جو نشو ٽٽي رهيو آهي انڪري هو قومي سلامتي ۽ قومي وجود تي حملو ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته عمران خان طرفان ادارن، آرمي چيف جي مقرري، آءِ ايم ايف پروگرام ۽ ٻوڏ متاثرن جي امداد کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

بچاءُ واري وزير چيو ته فوجي سربراهن جون وفاداريون آئين ۽ اداري سان گڏ آهن، عمران خان آرمي چيف جي مقرري واري معاملي کي تڪراري بڻائڻ گهري ٿو، عمران خان اقتدار لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ کان به نه ڪيٻائيندو.

خواجا آصف چيو ته عمران خان خلاف قانون ۽ قاعدي پٽاندڙ ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ملڪ کي اڄ استحڪام جي سخت ضرروت آهي.

سندس چوڻ هو ته ٻوڏ جي موجودا صورتحال ۾ سياست کي ڪجهه وقت لاءِ هڪ پاسي رکڻ گهرجي ۽ سمورين سياسي پارٽين کي متاثرن جي مدد ڪرڻ کپي، سياست جو وقت آيو ته سياست ٿيندي، پر ميثاق معيشت لاءِ اڄ به تيار آهيون، هن چيو ته سياست کي هڪ پاسي رکي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

هن چيو ته عمران خان پِچ تي ليٽي پيو آهي، هو نه پاڻ کيڏي ٿو ۽ نه ٻين کي کيڏڻ ڏئي ٿو، عمران خان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، پنهنجي 4 سالا حڪومتي دور ۾ عمران خان مهانگائي ۽ ڪرپشن پوئتي ڇڏي ويو.

بچاءُ واري وزير چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي اسان جي اقتصادي سلامتي سان جڙيل آهي، عمران خان پاڪستان جي قومي ۽ اقتصادي سلامتي تي هر هر حملا ڪري رهيو آهي، اقتدار وڃائڻ سبب سندس ذهني توازن بگڙي چڪو آهي.

هڪ سوال جي جواب تي بچاءُ واري وزير چيو ته عدالتن جا فيصلا قانون جا اهم ذريعا هوندا آهن، ماضي جي فيصلن کي آڏو رکي ڏسڻ گهرجي، جيڪڏهن ماضي ۾ ڏنل فيصلا قانون ۽ آئين پٽاندڙ نه آهن ته پوءِ انهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي.

خواجا آصف خدا نه ڪري ٻوڏ کانپوءِ ڏڪار کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هينئر پهرين کان وڌيڪ ٻڌي ۽ اتحاد جي ضرورت آهي.

آرمي چيف جي مقرري بابت سوال تي خواجا آصف چيو ته نومبر ۾ شهباز شريف آئين موجب نئين آرمي چيف جي مقرري ڪندو، عمران خان جي چوڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اقتدار ۾ اچڻ وقت حالتون ڏاڍيون خراب هيون، تمام جلد حالتون بهتر ٿينديون، جنهن سان مهانگائي ۾ پڻ گهٽتائي ايندي، روس پاڪستان کي ڪڻڪ ۽ گئس ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، روسي صدر پڻ وزيراعظم کي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي صلاح مشورا ٿي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.