ملڪ جي موجوده بحران کي ڪيئن حل ڪري سگهجي ٿو

تحرير: نثار لغاري

هن وقت اقتداري ڌرين ۾ جهيڙو عروج تي آھي چاهي سيلاب هجي يا معيشت جي تباهي  ان حوالي سان مروج حڪمران طبقو مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪو آھي هنن وٽ ڪو قومي دورانديش پروگرام ناهي  بلڪ اهي ويتر جنگ ۽ جنون طرف وڌي رهيا آھن  هنن جي خيال ۾ عوام کي قومن کي گهڻو عرصو بيوقوف بنائي رکندا  جيڪو هاڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آھي هي عوام کي گهڻو عرصو ساڳين حالتن تحت نه هلائي سگهندا.

روايتي طرح اليڪشن به هاڻ ڪو حل نه رهي آھي  هڪ طرف معيشت  ٻڏي رهي آھي ته ٻئي طرف حڪمرانن جي جنگ وڌيڪ تيز ٿي رهي آھي  ان جي نتيجي ۾ بهتريءَ جا سڀ امڪان ختم ٿي رهيا آھن مهانگائي عروج تي آھي  قومي ۽ طبقاتي استحصال پنهنجا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. اڄ ملڪ جي وزير اعظم شھباز شريف جو بيان ڇپيو آھي ته آءِ ايم ايف اسان کي قرض لاءِ نڪ رڳڙايو آھي دنيا جي ستين ايٽمي طاقت هوندي اسان ڪشڪول کڻي گهمي رهيا آھيون  هن جو مطلب آھي ته هو پنهنجي ناڪاميءَ جو اعتراف ڪري چڪو آهي معاشي حالتون بهتر نه ٿينديون ويتر برساتي ٻوڏ سبب ڏڪر اچڻ جا امڪان آھن.

هن وقت سياسي انقلابي پارٽين کي پنهنجا ٺوس پروگرام ڏيڻ گهرجن ته جئين سماج اندر متبادل سوچ ۽ شور جنم وٺي سگهي ان تي بحث مباحثو ٿي سگهي اختلاف ۽ اتفاق ٿي سگهي  عوام هتي هاڻ گهڻو عرصو هنن حالتن ۾ رهي نه سگهندا.

هن وقت گهٽ ۾ گهٽ ڪا به پارٽي خاص طرح حڪمران طبقي جي وٽ ڪو به حل نه آھي  هتي جيستائين قومن کي تسليم ڪري  هڪ جمهوري عوامي وفاق نٿو ٺاهيو وڃي ان وقت تائين بهتريءَ جا ڪي امڪان نه آھن  پورهيت مزاحمت تحريڪ هڪ نئين تنظيم آھي ان موجوده مستقل بحران ۾ ھڪ عبوري پروگرام ڏئي حالتن ۾ بهتري لاءِ ھڪ سياسي پروگرام ۽ تجزيو ڪري ٺوس پروگرام ڏنو آھي ان کي بحث لاءِ  ھتي رکجي ٿو، پورھيت مزاحمت تحريڪ جو عبوري سياسي پروگرام ۽ مطالبا.

وفاق ۽ قومن جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي جنهن تحت نئين آئين ساز اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ڪرايون وڃن ۽ هڪ سيڪيولر فيڊرلسٽ آئين ٺاهيو وڃي جنهن ۾ قومن کي خودمختيار رياستن جو درجو هجي. 1970ع ۾ جنهن آئين ساز اسيمبلي لاءِ چونڊيون ٿيون هيون اها1971ع ۾ ملڪ ٽُٽڻ سان ئي ٽُٽي چڪي هئي. ان ڪري نئين آئين ساز اسيمبليءَ جي جوڙجڪ اڃان رڪيل آهي.

رياست جي مسواڙي ۽ نيولبرل منطق جو خاتمو ڪري رياست ۽ عوام وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي. فوج جي سائز، دفاعي بجيٽ کي گهٽائي اها صحت تعليم ۽ صنعتي ترقي تي خرچ ڪئي وڃي. سڀني عالمي مالياتي ادارن ۽ سامراجي ملڪن سان ڪيل معاهدن کي نئين سر ڪري ملڪ ۾ نجڪاري ۽ آزاد مارڪيٽ جي پاليسيءَ کي ختم ڪيو وڃي. بينڪن سيڪٽر کي قوميائي سيڙپڪاري لاءِ هڪ مرڪزي بينڪ جو قيام ڪيو وڃي جنهن جو ڪم پيداواري بزنس کي هٿي وٺرائڻ هجي. سموري غيررسمي معيشت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي مزدور طبقي کي يونين سازيءَ سميت بنيادي حق ڏنا وڃن.

تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي ادارن جي مداخلت کي ختم ڪري شاگرد يونين کي پڻ بحال ڪيو وڃي.

سنڌ جي رياستي اسيمبلي ۾ ڌاري آبادي ڪاري لاءِ موثر قانون سازي ڪري ٻاهرين آبادي کي ورڪ پرمٽ ڏئي انهن کي ووٽ ۽  پراپرٽي جي حق کان محروم ڪيو وڃي.

رياستي اسيمبلي وسيلي وسيع “زمين متعلق سڌارا (landreforms)ڪيا وڃن جنهن تحت ريئل اسٽيٽ بزنز کي  ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي زمين تي سٽي بازي تي حد مقرر ڪئي وڃي، شهرن اندر ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حق ڏئي انهن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، اصلوڪي آبادي ۽ ڌرتي ڌڻين کي سنڌ جي زمينن تي ميگاپراجيڪٽس جو خاتمو ڪري ان زمين ۽ ماحول تي نئين قانون سازي ذريعي اجتماعي مالڪي (Collective ownership) جو حق تسليم ڪيو وڃي.

زرعي زمين جي نئين سر ورهاست ڪري بي زمين هارين کي زمين ڏني وڃي ۽ زراعت کي جديد ٺاهي ڪوآپريٽو فارمنگ جو ماڊل لاڳو ڪيو وڃي.

قانون سازي ڪري لوڪل باڊيز جي نظام ۾ انقلابي سڌارا آڻي وسيلن ۽ اختيارن جي وڌ کان وڌ منتقلي هيٺ لوڪل گورنمنيٽ نظام تائين ڪئي وڃي.

سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ عالمي قانون تحت پاڻيءَ جو نئون معاهدو ڪري ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو ازالو ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌ بئراج سميت ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي فوري طور ختم ڪري منصفاڻي ورڇ ۽ جديد آبپاشي نظام ذريعي پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي.

ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ پاڻيءَ کي يقيني ٺاهي انڊس ڊيلٽا کي ٻيهر آباد ڪيو وڃي. آپباشي نظام کي جديد ڪري ماحولياتي بحران ۽ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪري سنڌ جي باراڻي علائقن جهڙوڪ ٿر تائين آبپاشي سرشتو پهچايو وڃي.

سڀني پدرشاهي قانونن جو خاتمو ڪري عورتن لاءِ هر شعبي ۾ چاليهه سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي. پورهيت نارين سان اُجرت ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري انهن جي يونين سازي ڪئي وڃي. نارين جي تعليم ۽ ٽيڪنڪي تربيت لاءِ خاص ادارا جوڙيا وڃن.

جديد ترقي پسند سيڪيولر ۽ عورت دوست نصاب جوڙيو وڃي جيڪو ايڪوهين صديءَ جي معيار مطابق هجي ۽ جيڪو ايندڙ نسل کي چوٿين صنعتي انقلاب لاءِ تيار ڪري سگهي.

اسان جي منزل سنڌ جي آزاد سوشلسٽ رياست جو قيام ۽ سنڌو خطي ۾ گهڻ قومي يونين جي تشڪيل، سامراجي آرڊر جو خاتمو ۽ عالمي سوشلزم جو قيام.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.