اختياريون سنڌ جا سور گھٽائڻ لاءِ تڪڙو اڳتي اچن

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻوڏ واري صورتحال ۾ غلطين جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته صوبي کي هٿ سان ٻوڙائڻ جا الزام غلط آهن، آبپاشي کاتي کان ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن، ڄاڻي واڻي غلطي جو تصور بھ نٿا ڪري سگهون، ان باوجود ڪنهن وٽ به سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙائڻ بابت ثبوت آهن  ته اھو پيش ڪري سگھي ٿو.

ھو  وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ رليف  ڪمن بابت اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رھيو ھو.وڏي وزير جو چوڻ ھو تھ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ 1100 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ تازو برسات جو ستون مرحلو آهي ۽ پنجاب ۾ 52 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ 800 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن. ھن جو چوڻ ھو تھ اسان ڪوشش ڪنداسين ته جلد معمول جي زندگي بحال ٿئي،سندس چوڻ ھو تھ سنڌ ۾30 ملين ايڪڙ فٽ برسات پئجي چڪي آهي ۽ان کانسواءِ بلوچستان صوبي مان بھ پاڻي سنڌ ۾داخل ٿيو.

هن چيو ته ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪا سياسي ڳالهه نه ڪريان پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موقعا ايندا آهن ته زبان کلي ويندي آهي. هن چيو ته جيڪا به امداد اچي پئي تنهن کي اين ڊي ايم اي ورهائي رهي آهي، سنڌ حڪومت کي ٻاهرين امداد جو هڪ داڻو به ناهي مليو. هن چيو ته سنڌ حڪومت تي ڪو آڱر نٿو کڻي سگهي ته اسان غلط فيصلا ڪيا. ملڪ ۾ پوندڙ برسات ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيل ٻوڏ جو سڀني کان گھڻو اثر سنڌ تي ٿيو آھي. اھو تھ طئھ ٿيل آھي تھ سنڌ ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ برسات پئي آھي نھ رڳو اھو پر سنڌ ۾ برسات ۽ ان جي ڪري آيل ٻوڏ جي ڪري نقصان پڻ وڌيڪ ٿيو آھي. ھتي ھڪڙي ٻي اھم ڳالھھ ھي آھي تھ ٻين صوبن ۾ برسات توڻي ٻوڏ جو پاڻي آيو ھو ان بعد نڪري بھ ويو آھي پر سنڌ واحد صوبو آھي جتان اڃان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نھ ٿيو آھي ان ڪري ئي وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن،لکين ماڻھون ھاڻي بھ بنا خيمن جي بي گھر ٿي ڪري رستن تي پيا آھن.

وڏي وزير جو اھو چوڻ تھ ڄاڻي واڻي سنڌ نھ ٻوڙائي آھي اھو درست آھي پر آبپاشي کاتو جنھن جو ئي اصل ۾اھو ذمو آھي تھ آبپاشي جي معاملن کي منھن ڪئين ڏجي ان جي صلاحيت تي تھ ڳالھائي سگھجي ٿو جيڪڏھن ھن کاتي وٽ اھڙي اھليت نھ آھي يا نھ ھئي تھ اڄوڪي دور ۾ تھ ٻين ماھرن  کان بھ تجويزون حاصل ڪري فوري طور تي پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست ڪرڻ گھرجي ھا.ان معاملي ۾ ڪوتاھي جو ڪو تھ ازالو بھ ٿيڻ گھرجي. وڏي وزير جو اھو چوڻ تھ کين ٻاھرين ملڪن کان ايندڙ امداد مان ھڪ داڻو بھ ناھي مليو اھو معاملو گھڻو ڳڻتيءَ وارو آھي انھن سمور ن ادارن کي ھن نازڪ مرحلي تي سنڌ جي ٻوڏ ۾ ورتل ماڻھن جي ھنگامي بنيادن تي واھر ڪرڻ گھرجي.جيڪڏھن قدرتي آفتن کي منھن ڏيندڙ ادارن جي اھڙي ڪارڪردگي رھندي تھ ڪئين سوال پيدا ٿيندا. ان جو ڪو مثبت تاثر بھ نھ جڙندو.

اسان سمجھون ٿا تھ ھن وقت اھڙن معاملن ۾ وچڙي پياسين تھ ان سان ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن جو پورائي نھ سگھڻ جھڙو نقصان ٿيندو. جيڪڏھن ڪي وفاق جي تحت ڪم ڪندڙ سڌي ريت ڪم ڪرڻ چاھين ٿا تھ اھي پڻ ڪم ڪري سگھن ٿا ھن وقت سنڌ ۾ خيمن،راشن،دوائن توڻي ٻين شين جي اشد ضرورت آھي.جيڪي اختياريون مھيا ڪري ڏين.

جيڪڏھن ھاڻي ڪا بھ دير ڪئي وئي تھ عملي طور تي وڏو انساني الميو پيدا ٿي ويندو.جئين جئين وقت گذري رھيو آھي ان ۾ ھاڻي باقي دير ناھي رھي،مٿان سيارو بھ شروع ٿي رھيو آھي اھو اڃان بھ سور ٻيڻا ڪري ڇڏيندو. اميد تھ اختياريون ھنگامي صورتحال کي سمجھنديون ھونديون. جنھن کي منھن ڏين لاءِ تڪڙا قدم بھ کنيا ويندا.

سنڌ ۾ بيماريون وڌڻ جو خطرو، عام دوائون غائب ٿي ويون

ھن وقت سمورو ملڪ ھڪ ھنگامي صورتحال کي منھن ڏئي رھيو آھي تھ ٻئي پاسي وري ڪي مفاد پرست مافيائون عوام کي ھنن حالن ۾ ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ جي لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ ڪاھي پيون آھن. تازي ٻوڏ جي تباهيءَ کانپوءِ صحت جو بحران جنم وٺي چڪو آھي.

سنڌ۾ ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو جي ڪوششن دوران طبي شعبي سان تعلق رکندڙ ماهر ڊينگي، مليريا پيٽ جي بيمارين ۾ اضافي جي نشاندھي ڪري رهيا آهن.ٻوڏ متاثر ڪيترائي ماڻهو بيٺل پاڻي ڀرسان رھيل آهن، ڊينگي سبب ڪيتريون ئي فوتگيون ٿي چڪيون آهن،

سڌسماءُ جي ھڪ عالمي اداري مطابق سنڌ ۾ ڊينگي جا 3830 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ، هيل تائين 12 ماڻهو فوت ٿي وياآهن، خدشو آهي ته اهي انگ اکر اصل  کان گهٽ آهن.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عبدالغفور شورو موجب سنڌ ۾ صورتحال خراب آهي، اسان پوري صوبي ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون آهن، وڌيڪ ڪيس ڊينگي جا آهن، مليريا ٻئي نمبر تي پکڙجندڙ بيماري آهي. هن چيو ته ڊينگي جي ڪري پوري صوبي ۾ دٻاءُ آهي،ان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن اسان ليبارٽرين کان معلوم ڪيو ته شڪي ٽيسٽن جي ڀيٽ ۾ تقريبن 80 سيڪڙو  ڪيس آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسان ھڪ انساني تباهيءَ کي جنم وٺندي ڏسي رهيا آهيون.

اھو تھ آھي ھڪڙو پاسو ٻيو پاسو وري اھو آھي تھ اڳي ئي دوائون مھانگيون ٿي ويون ھيون مٿان وري جيڪي عام دوائون يا گھڻي استعمال ۾ ايندڙ دوائون آھن انھن جي مارڪيٽ مان اوچتي گم ٿيڻ سان ھڪ نئون معاملو سامھون اچي رھيو آھي.ان سلسلي ۾عام بخار جي گوري پڻ مارڪيٽ ۾ بليڪ ٿي وئي آھي ۽ بيلڪ مارڪيٽ جو ھڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو آھي.

تازو ڪراچي ۾ ڊريپ جي اداري پاران پيناڊول دوا ۽ گوريون ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي جنھن لاءِ شهر ۾ ميڊيسن مارڪيٽ تي ڇاپو هڻي پيناڊول جون چار ڪروڙ80 لک ذخيرو ڪيل گوريون هٿ ڪيون ويون آھن جن جي ماليت 25 ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي.

اسان سمجھون ٿا تھ ھن ھنگامي صورتحال ۾ سرڪار جي ھر اداري کي ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو جنھن بعد ئي ڪنھن حد تائين معاملن کي منھن ڏئي سگھجي ٿو توقع ڪجي ٿي تھ سنڌ سرڪار پنھنجي طور تي داوئن کي ذخيرو ڪندڙن ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف بنا ڪنھن ھٻڪ جي ڪارروائي ڪندي ۽ ڪنھن امڪاني بحران کي منھن ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏيندي ڇاڪاڻ جو ھي نج انساني حياتيءَ جو مسئلو آھي.

ھن وقت جيڪو بھ ڪو اھڙي عمل ۾ ملوث آھي ان جي لاءِ ڪا بھ رعايت نھ ھئڻ گھرجي ٻي صورت ۾ اسان انتھائي وڏي ھاڃي جو شڪار ٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.