مٽياري ضلعي جي آفت سٽيلن کي مدد جي ضرورت آهي

تحرير: معشوق قمبراڻي

سانوڻي جي تيز برساتن کان پوءِ تباهيءَ جي ورچڙهيل مٽياري ضلعي کي سنڌ حڪومت طرفان آفت سٽيل قرار ته ڏنو ويو آهي، پر ضلعي مٽياري جي ٽنهي تعلقن جي ماڻهن کي ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ اڃا تائين ضلعي حڪومت طرفان ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن، جيئن ته مٽياري ضلعي ۾ ڪيترن ئي اوليائن جا مقبرا آهن، انهن مان اڏيرولعل جي درگاهه به هڪ آهي، هيءَ اها درگاهه آهي، جتي هندو ۽ مسلمان گڏجي عبادت ڪندا آهن، هن ڪوٽ نما درگاهه جي چوڌاري هن وقت شهر جو گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري درگاهه جي ڀتن کي ڏار پئجي ويا آهن، ان معاملي کان باخبر هجڻ جي باوجود مٽياري جي ضلعي انتظاميا هن تاريخي ٽي سئو سال پراڻي جوڙيل اڏاوت کي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، جنهن ڪري هن تاريخي هنڌ کي وڏي نقصان پهچڻ جو انديشو وڌي ويو آهي.

جيتوڻيڪ زراعت جي حساب سان مٽياري ضلعو سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي، هن ضلعي ۾ ڪيلن جا باغ، انبن جا باغ ۽ ڦارون جي باغن سميت ڀاڄيون وڏي تعداد ۾ پوکيون وينديون آهن، جيڪي سڄي سنڌ تائين پهچايون وينديون آهن، پر هن ڀيري مٽياري جي بدنصيبي آهي جو اتان جون ڀاڄيون سنڌ جي ماڻهن تائين پهچي نه سگهنديون، ڇو ته تازين لڳاتار پيل برساتن جي ڪري هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، مٽياري ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ وڏي ۾ وڏو نقصان وونئڻن جي فصل کي ٿيو آهي، جن تي زميندار هر ڪاهڻ کان وٺي گوگڙا (ڏينا) ٽڙڻ تائين في ايڪڙ تي لک روپين تائين خرچ ڪن ٿا، لڳاتار بارشن ڪري وونئڻن ۾ 3 کان چار فوٽ پاڻي بيهڻ ڪري وونئڻن جون رڳو چوٽيون وڃي بچيون آهن، جنهن ڪري زميندارن کي وڏو نقصان رسيو آهي، اهو کڻي چئجي ته زميندار ته وري به ڌڪ پچائي ويندا، پر پيڙهجي ويا اهي هاري جن تي هاڻ زميندار ٻيڻا ٽيڻا قرض لکندا، پوءِ اهي هاري ڪيترائي سال انهيءَ قرض ۾ پيا لوڙيندا.

مٽياري تعلقي جي اڏيرو لعل اسٽيشن، اڏيرولعل وليج، کيبر، کنڊو، يوسي عرضي هڪڙا، طاهر هنڱورو، ڳوٺ بچل ورياھ، رحيم خان کورکاڻي، درياهه خان ڏاهري، پنيون خدري، بهريون، شير محمد ٺوڙها، فقير نوح هوٿياڻي، ٻڍو ڏاهري سميت ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هن وقت تائين برسات جو پاڻي موجود آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جا گهر ڪري پيا آهن ۽ ڪيترائي خاندان پنهنجا گهر خالي ڪري ڏورانهن علائقن ۾ هليا ويا آهن. پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته مٽياري ضلعو ڪيترن ئي قدرتي وسيلن سان مالامال هوندي به هتي جو عوام ننڌڻڪو بڻيل آهي.  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين روپيا پيا آهن، مٿان وري سنڌ حڪومت طرفان اعلان جي مٿان اعلان پيو ٿئي، آخر اهي پيسا ڪيڏانهن پيا وڃن، خدارا هي ٽائيم آهي، ضلعي جي عوام تي خرچ ڪرڻ جو، هن وقت مٽياري ضلعي جو عوام بي يارو مددگار بڻيل آهي.

هن ضلعي ۾ هڪ ايم اين اي، ٻه ايم پي اي، هڪ سينيٽر موجود آهن، ٻيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر ۽ مخصوص سيٽ تي چونڊيل ايم اين اي شگفتا جماڻي جو جنم به هتي ٿيل آهي. هن ٽائيم تي ضلعي مٽياري جي ڪيترن ئي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ سرڪار طرفان صحيح نموني متاثرن جي ڪا به واهر نه ٿي سگهي آهي، پر جس لهن اهي ماڻهو جيڪي پنهنجن کيسن مان خرچ ڪري متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهن. اڏيرولعل اسٽيشن جي ڳوٺ پير عامر غوث ۾ ويٺل اوڏ برادري جا گهر برسات سبب ڪرڻ ڪري اهي ماڻهو روڊ جي ڪپ تي وڃي ويٺا آهن، جتي مڇرن جي آزار ڪري بابل اوڏ جي هڪ مهيني جي نياڻي فوت ٿي وئي هئي. وري گذريل ڏينهن شير محمد ٺوڙها جو نوجوان ڳوٺ کان پاڻي مان گذرندي روهڙي ڪينال ويندي گس تي وڏي کڏي ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪجھه ڪلاڪن جي ڳولا بعد هٿ ڪيو ويو.

اسين سمجهون ٿا ۽ پيپلز پارٽي کي اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن هن وقت پريشانين جو شڪار مٽياري جي ماڻهن سان توهان جو اهڙو ئي سلوڪ رهيو ۽ ماڻهن جي واهر نه ڪئي وئي، جي سنڌ سرڪار هن وقت برسات جي متاثرن جي مدد نه ڪري سگهي ته آئينده پيپلز پارٽي لاءِ اليڪشن دوران وڏو مسئلو ٿي سگهي ٿو. خدارا مٽياري ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماڻهن کي انسان سمجهو هتان جي ماڻهن جي تڪڙي واهر ڪريو، مٽياري جي برسات سبب تباهه ٿيل فصلن جو ازالو ڪري فصل لاءِ قرض کڻندڙ ماڻهن جي مالي سهائتا ڪري کين قرض جي ڌٻڻ مان ڪڍيو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته هتي جا هاري ۽ مزدور پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي نه سگهندا ۽ سندن اندر مان نڪرندڙ آهون ۽ دانهون توهان کي به سڪون سان ويهڻ نه ڏينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.