ميھڙ ۾ کير جو بحران ، چارو نه ھجڻ ڪري مال مرڻ لڳو

ميھڙ ( س ر ) ميھڙ ۾ کير جو بحران وڌي ويو اھي ميھڙ تعلقي م پاڻي اچڻ ء وڏي تعداد ۾ جانور مرڻ کان پو۽ کير جو بحران ودي ويوآھي ، ميھڙ م ٻوڏ متاثرين ۽ مالوند ماڻھن پاران پاڻ سان گڏ آندل جانور بہ بوڏ متاثرين سان گڏ بک وگھي مرڻ لڳا اھن مختلف ڳوٺن مان پاڻ سان گڏ مينھون ، ڍڳيون ، ٻڪريون کڻي ايندڙ مالوند ماڻھن بہ مال جي چاري نہ ملڻ ، ويڪسين نہ ڪرڻ جو دانھون ڪيون اھن ان سلسلي ۾ ميھڙ جي مختلف ڳوٺن مان مال ڪاھي آيل ماڻھن جو چوڻ اھي تہ مال جو چارو ناھي ناھي فصل لڙھي ويا ھاڻي مال بک تي مري رھيو آھي سرڪار پاران ھن وقت مال چاري جو ڪو بہ بندوبست ناھي ڪيو . مال جو چارو پئسن تي بہ نہ پيو ملي . جانورن کي ويڪيسين بہ ناھي ٿي مڇر ودي ويا اھن سڄي رات مڇر مال کي پٽين پيا نہ چارو اھي نہ مڇر مار اسپري مال بکن تي مري رھيو اھي کير بہ ڪيئن ڏئي ڪو چارو ھجي تہ کارايان . سرڪار ھن وقت تائين ڪو بہ قدم ناھي کنيو ھنن گھر ڪئي تہ مال جو چارو مھيا ڪيو وڃي تي جيئن جانورن کي ڏئي سگھون.

  • سول جج  ڪنگري آڏو برسات متاثرن پاران بجلي بند هجڻ جون دانهون

پيرجوڳوٺ (ن ع آ ) سول جج ڪنگري خالد ستار سومرو پاران ٽينٽ سٽي پيرجوڳوٺ  جو دورو  ڪيو متاثر  خاندانن کان سرڪاري سهولتن سميت  سڀ معلومت ورتي ان موقعي تي عورتن مردن جو چوڻ هو ته سخت گرمي سبب مليريا سميت پيٽ جون بيماريون ٿيون آهن .ڪجهه ڏينهن اڳ برسات  متاثرين جي گهڻي انگ ۾ ڪئمپن ۾ هجڻ ڪري لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وئي هئيپرسخت گرمي ٿيڻ بعد سيپڪو وارن ٻيهر لوڊشيڊنگ شروع  ڪري ناحق ڪيو آهي سخت گرميء م پريشان آهيون . ان بعد سول جج پاران ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪيو .ان موقعي تي تعلقه اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر برڪت علي ڪانهر سول جج کي ٻڌايو ته ٽينٽ  سٽي جي متاثرين کي بروقت ئي ٽريٽ مينٽ ڏني ٿي وڃي ۽ مليريا  جي ٽيسٽ پڻ ڪئي ٿي وڃي .سول جج روينيو عملدارن توڙي صحت کاتي جي عملدارن کي متاثرين جي هر وقت سار سنڀال سان گڏ کاڌي پيتي جي شين کي صاف سٿرو مهيا ڪرڻ جو چيو ۽ متاثرن سان بهتر رويو نه رکندڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.