وڏي وزير جي دوري وقت متاثرن جي ماني بند ڪئي وئي: جاويد هاليپوٽو

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ حيدر شورو ) ٽنڊومحمد خان ۾  سنڌ جي وڏي وزير جي سرڪاري دوري کي قومپرست سياسي سماجي ، سول سوسائٽي جي ايڪشن ڪميٽي طرفان ٽوپي ڊرامو قرار ڏيندي متاثرين جي ڪيمپ ۾ ماني بند ڪرائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي . ٽنڊومحمد خان پريس ڪلب ۾ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جاويد هاليپوٽو ، زاهد جسڪاڻي ، محمد جمن ملاح ، زوهيب جمالي ، منور سومرو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته علائقي جي اندر برسات جي تباهه ڪارين ۽ دريائي ٻوڏ ۾ با اثر ماڻهن پنهنجي زرعي زمينن کي بچائڻ لاءِ وڏو نقصان رسايو آهي . وفاقي وزير نويد قمر ۽ سندس فرزند فوڪل پرسن قاسم نويد پنهنجي زرعي زمين جي پاڻي کي سم نالي ۾ نيڪال ڪرائڻ بجاءِ ملاڪاتيار جي ڀرسان ڳوٺن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرايو آهي . جنهن جي ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي گهرن کان بي گهر ٿي پاڻ مرادو روڊن رستن تي اچي کلي آسمان تي ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن . سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تازو ٽنڊو محمد خان جو دورو ڪري برسات ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي پاڻ مرادو ٺاهيل ڪيمپن توڙي خير پور ناٿن شاهه جي متاثرين جي ڪيمپ ۾ اچڻ جو بندوبست ڪرائي صرف ضلعي انتظاميه جي جعلي ٽينٽ سٽي ۾ وڃي فوٽو سيڪشن تائين پاڻ کي محدود رکي ٽوپي ڊرامو ڪيو آهي . وڏي وزير جي آمد باوجود متاثرين کي ڪا به امدادي راشن فراهم نه ڪيو ويو آهي پر ايتري قدر متاثرين جي ڪيمپن ۾ ڊپٽي ڪمشنر طرفان ماني پهچائڻ وارو سلسلو بند ڪيو ويو آهي . جيڪا متاثرين سان ناانصافي ڪئي وئي آهي . جنهن اعلي اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي علائقي جي اندر 7 انساني جانيون برساتي پاڻي ۾ ضايع ٿيون آهن ته 21 کان وڌيڪ انساني جانيون بيمارين ۾ ضايع ٿيون آهن . جنهن جي ڪري فوتين جي وارثن کي 10 ، 10 لک روپيا فوري طور امداد ڏني وڃي . صرف اعلان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي . ٻي صورت ۾ هاڻي گهٽ نه ڪئي ويندي . 24 ڪلاڪن جي الٽيمٽم کانپوءِ علائقي جي اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.