سيوھڻ جي لعل باغ  ۾ ھزارين ٻوڏ متاثر بي يارو مدگار ويٺل

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي لعل باغ جي ڀر ۾ سوين ايڪڙ زمين تي بي يارو مددگار ۽  کليل آسمان ھيٺ ويٺل مختلف شھرن کان آيل ٻوڏ متاثرين جي انتظاميا واھر نه ڪئي آھي جڏھن ته سنڌحڪومت جي ھدايتن تي متاثر ماڻھن لاء مختلف ادارن جي نگراني ھيٺ سوين ٽينٽ لڳايا ويا ۽ وڏيون دعوائون ڪيون ويون ته متاثرين کي ٽينٽن ۾ لائٽ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٽن وقتن تي کاڌو فراھم ڪيو ويندو پر افسوس ته  ان باوجود به  متاثرين کي رات ڏينھن صرف چانورن جو کاڌو کارائي رھيا آھن ۽ متاثر ماڻھن کي پيئڻ لاء صاف پاڻي جو بندوبست به نه ھئڻ ڪري ھو ڊائريا ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. ان موقعي تي مختلف شھرن کان ترسيل متاثرين ٻڌايو ته ھڪ ھفتي ۾ صرف ھڪ دفعو راشن ڏنو پيو وڃي جيڪو راشن خراب ھجڻ ڪري پچائڻ جي به قابل ناھي اھڙي شڪايتون ڪرڻ تي  ڄاڻايل انتظاميا اسان کي ٽينٽ مان نڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھي آھي, متاثر آھيون گھر به ڊھي پٽ پئجي ويا آھن  ھاڻ اسان جي ڳوٺن ۽ شھرن مان ٻوڏ جو پاڻي نڪري وڃي ته پنھنجي گھرن ڏانھن واپس وڃون. ھوڏانھن متاثرين کي سھولتون نه ملڻ بابت عارضي طور مقرر ڪيل ڊي سي ڄامشورو پڻ عملي سميت سيوھڻ جي ڪئمپ آفيس تائين محدود بڻيل آھي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ کان موقف معلوم ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي پر ساڻس رابطو نه ٿي سگھيو.

  • بدين جي ٻوڏ متاثرن لاءِ حڪومت مناسب انتظام نه ڪري سگهي

پنگريو (ن ع آ)ٽنڊي باگي جي  يونين ڪائونسلن ملڪاڻي شريف, سمن سرڪار, پير  بودلو, اولياء جرڪس ۾ انساني زندگي مفلوج ٿي وئي آھي. سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين کي ريليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آھي جنھنڪري ھزارين متاثرين بي يارو مددگار روڊ رستن تي نھايت تڪليف واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. انھي سلسلي ۾ ٻوڏ متاثرين اعجاز, سانوڻ, ربڏنو ۽ ٻين ٻڌايو ته ھڪ ته سندن اجھا برساتي پاڻي جي سيلاب ۾ لڙھي ويا ۽ ھو رات جي اونداھي ۾ اچي روڊ رستن تي آباد ٿيا آھن ته ٻئي پاسي سياسي ڇڪتاڻ سبب سندن ڪوبه واھر ڪرڻ وارو ناھي. ھنن چيو ته سواء برياني جي کين ڪجھ به نصيب ناھي ٿيو, نه رھڻ لاءِٽينٽ مليا آھن نه ئي وري اجھي لٽي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ھنن وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته سندن ڳوٺن مان برساتي پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي ته جيئن ھو واپس پنھنجي اجھن ڏانھن وڃي پنھنجي زندگي بسر ڪري سگھن.

  • لاڙڪاڻي  ۾ ميهڙ واسي ٻوڏ متاثرن جون واهر لاءِ دانهون

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ سان واسطو رکندڙ ٻوڏ ۽ برسات متاثر ٻن عورتن واهر نه  ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شهر جي نجف ڪالوني جي رهواسڻ عورت سڪينه ڀٽي دانهيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيل طوفاني برساتن سبب منهنجو گهر ڊهي پٽ پئجي ويو جنهن ڪري منهنجي گهر جو سمورو سامان برساتي پاڻي هيٺ اچي ضايع ٿي ويو مسلسل 15 ڏينهن کان يوسي چيئرمين ابراهيم کوسي وٽ وڃي کيس ايلاز منٿون پئي ڪيان پر هو مسلسل مون کي نظرانداز ڪري منهنجي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن مون کي ڌڪا ڏئي امدادي سامان ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو جنهن ڪري اسان زال مڙس ۽ اسان جا چار ٻار ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري بکون ڪاٽي رهيا آهيون. پ پ چيئرمين، وڏي وزير، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڏياري اسان جي گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي

  • سول جج ٽينٽ سٽي پهتو، ٻوڏ متاثرن پاران شڪايتن جا انبار

خيرپور (ن ع آ) سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم تحت  تعلقه خيرپور جي سٽيزن ڪميٽئ جي چيئرمين سول جج خيرپور سيد نياز علي  شاه ۽ ڪاميٽي جي ميمبر  ڊسٽرڪٽ بار خيرپور جي صدر ايڊوڪيٽ سيد جعفر شاه گڏيل طور ٽينٽ سٽي  خيرپور جو اوچتو دورو ڪيو ، دوري دوران   هنن ٽينٽ سٽي ۾ موجود ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ بنيادي ۽ ضروري سهولتن جي انتظامن جو جائزو ورتو ، ان موقعي تي سول جج سيد نياز علي شاه  متاثرين کان رهائش ، کاڌ خوراڪ  ، صحت جي سهولتن ، سيڪيورٽي انتظامن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ، جنهن تي ٻوڏ متاثرين ٻڌايو  ته ٽينٽ سٽي  ۾ ضلعي انتظاميان جي سهڪار  سان  هڪ سو ڏھ ٽينٽ   ۾ رھندڙ  خاندانن کي  3  وقت ماني فراهم ڪئي پئي وڃي ، جڏهن ته ڪجهه خاندان  کي اڃا تائين  ٽينٽ ناهن ڏنا ويا ، متاثرين چيو ته صحت کاتي طرفان صحت جون بنيادي ۽ فرسٽ ايڊ جون سهولتون ڏنيون  ويون آھن ۽ ايمرجنسي  لاء  ايمبولينس جي سهولت 24 ڪلاڪ موجود آھي متاثرين ٿڏي پاڻي جي کوٽ ۽ گرمي ۾ بجلي ۽ پکن جي سهولتن جي کوٽ جي پڻ شڪايت  ڪئي ، جنهن تي سول جج خيرپور سيد نياز علي شاھ انتظاميان کان ناراضگئ جو اظھار ڪيو ۽ متاثرين کي جلد کان جلد ٿڌي پاڻي ۽ گرمي ۾ پکن جون  سهولتون ۽ ٽينٽ مھيا ڪرڻ  لاء ضلعي انتظاميان کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.