سيٺارجا کي هٿرادو ڪٽ هڻي ٻوڙڻ جي سازش خلاف احتجاج

سيٺارجا (ن ع آ)  سيٺارجا شهر سميت علائقي جي مختلف هنڌن ۽ ڳوٺن کي هٿرادو ڪٽ هڻي ٻوڙڻ جي ھلندڙ سازش ۽ ڪوششن خلاف شھر  ۽ علائقي جي معززين ۽ سياسي سماجي ۽  شهري اڳواڻن جي ھڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ۾ ايس يو پي اڳواڻ بشير احمد لنڊ, ڪائونسلر محمد صاق لنڊ, سياسي سماجي اڳواڻ آفتاب حسين عرف دودو خان لنڊ, سولنگي ويلفيئر آرگنائزيشن جنرل سيڪريٽري محمد اعظم سولنگي, پريس ڪلب جي صدر حسين بخش ڪٻر,شھري تنظيم جي صدر رسول بخش سھتو, ڪاشف لنڊ, فنڪشنل ليگ اڳواڻ الهڏتو گل, محسن ڪٻر سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هنن چيو ته اسان جي علائقي کي ھٿ سان علي بحر واه يا سم نالي کي ڪٽ ڏئي ڪنھن طرح سان ٻوڙڻ جي سازش ۽ ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو ھنن چيو ته اڳ ئي برسات سبب هر طرف پاڻي آهي ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ رستا ٻڏل آھن ۽ هنن وڌيڪ چيو ته مين پمپنگ اسٽيشن جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي جنهن ڪري بجلي تي هلندڙ 5 موٽر بند پيا آهن جنهن ڪري پاڻي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب  ڳوٺ سائينداد سولنگي, ڪوڙو خان هيسباڻي, محبت خاصخيلي, وليداد لنڊ, ماڪن ڪٻر سميت ڏيپارجا , سهتا , ويسر , نوحپوٽا , ٽوٻن سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي ٻيهر ڪاهي پيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته ٽالپر پمپ اسٽيشن کي ٻيهر هلايو ويو آهي ۽ انتظاميه پاران وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪري نقصان رسايو پيو وڃي ۽ اھڙي عمل خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي گڏجاڻي ۾ گھر ڪئي وئي ته محرابپور پمپ اسٽيشن کي 24 ڪلاڪ ھلايو وڃي جيئن علائقي جو پاڻي نڪري سگھي ۽ آمدرفت جا رستا بحال ڪرڻ لاءِ اپاء ورتا وڃن ۽ متاثرين جي ٻيھر بحالي لاءِ پڻ تڪڙا اپاءٌ ورتا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.