ميرپور ٻرڙو ۾ انتظاميا جي لاپرواهي، رورل هيلٿ سينٽر ۾ پاڻي

ميرپورٻرڙو (ن ع آ ) ميرپورٻرڙو ۾ انتظاميه جي نااهلي ڪن لاٽار رورل هيلٿ سينٽر ميرپورٻرڙو ۾ 17 ڏينھن کان 4 کان فٽ 5 بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو شھري علاج لاءِ پريشان ميرپورٻرڙو جي ايم ايس ڊاڪٽر ھدايت الله سرڪي ٻڌايو ته اسان پنھنجن آفيسرن کي ٻڌايو آھي ته سرڪاري اسپتال ۾ پاڻي بيٺل آھي، جنھن جي ڪري اسان ھڪ پرائيويٽ جگھه تي فرضي او پي ڊي ڏسون پيا جتي سھولت نه ھجڻ جي ڪري ايندڙ مريضن کي پريشاني سان منھن ڏسڻو پوي ٿو ھوڏانھن شھرين سھيل احمد سومرو ،لياقت ٻرڙو ،شفيق احمد، تاج محمد احتجاج مظاهرو ڪيو مظاھرين ٻڌايو ته سرڪاري اسپتال ۾ 4 کان پنج فٽ پاڻي 17 ڏينھن کان بيٺو آھي پر انتظاميا اسپتال مان پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي، پوري علائقي۾ مليريا،ٽائيفائيڊ، گيسٽرو،چمڙي جي بيمارين سميت ماڻھون وٺجي ويا آھن اسپتال بند ھجن جي ڪري ماڻھون عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙھن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.