ڏوڪري لڳ برسات ۾ دٻجي فوت ۽ زخمين ٿيل خاندان جي واهر نه ٿي، احتجاج

ڏوڪري ( ت ر ) موهن جو دڙو واسي پورهيت خاندان درد جو داستان بڻيل آهي برساتن ۾ هڪ ئي گهر جا 2 معصوم ٻارڙا گهر جي ڇت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا، 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا پر هينئر تائين سندن ڪنهن به سار نه لڌي آهي ، ان ڏس ۾ موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ دڙا ۾ برساتن دوران  ڳوٺاڻي عبدالحميد جوڻيجو جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب سندس 2 معصوم ٻارڙا 18 مهينن جو عديل 3 سالن جي آمنه عمارت هيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويا  جڏهن ته  گهر ڌڻي عبدالحميد جوڻيجو سندس گهرواري فريده خاتون 2 ڌيئرون 14 سالن جي دعا 10 سالن جي آمنه 8 سالن جي پٽ  زين جوڻيجو سميت 5  ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن برساتن کي ٽي هفتا گذري وڃڻ هيئر تائين ڏکويل خاندان جي ڪنهن به ڪا سار لڌي وئي  نه کين ڪو ٽينٽ مليو آهي نه راشن نه ئي ڪا ٻي واهر ٿي آهي، پورهيت عبدالحميد جوڻيجو ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته برساتن ۾ سندن گهر اجڙي ويو مالي مدد ته پري جي ڳالهه ڪو چونڊيل نمائندو يا ڪو ڪامورو سکڻي همدري ڪرڻ لاءِ به اسان وٽ لڙي نه آيا، پ پ چيئرمين واهر ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.