ڪراچي پهتل ٻوڏ متاثرن جي سرڪار سار نه لڌي، عورتن سوڌو احتجاج

گلشن اقبال ( رپورٽ : شفقت نوناري)  ڪراچي نادرن باء پاس عمر بروھي ڳوٺ لڳ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل سوين برساتي ٻوڏ جي  ستايل مسڪين ماروئڙن جي حڪومت طرفان ھن وقت تائين ڪا بـ سار نـ لڌي وئي آھي ڪيترائي برسات سبب دربدر ٿيل ٻوڏ متاثر ماڻھو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن جنھن ۾ پيرسن مسمات عظيمان ۽ در محمد سخت بيمار ٿي پيا آھن جيڪي علاج نـ ٿيڻ جي ڪري قائم ڪيل ٽينٽن اندر بنا علاج ٿيڻ جي زندگي موت جي ٻـ واٽي تي بيٺل بي يارو مددگار بڻيل آھن مگر بي حس بڻيل وفاقي طور سنڌ حڪومت طرفان برسات سبب پنھنجن گھرن کان بي گھر ٿيل برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ کان مڪمل طور تي غافل بڻيل آھي ھوڏانھن برساتي ٻوڏ متاثرن طرفان سماجي تنظيم ال اخير ويلفيئر ٽرسٽ جي اڳواڻن مٿان ايم ڊي اي عملدارن جي فرياد تي اينٽي اينڪروچمينٽ پوليس طرفان ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ متاثرن جي واھر نـ ٿيڻ خلاف سوين متاثرن طرفان قائم ڪيل عارضي رليف ڪئمپ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن غلام علي دين محمد محمد عرس ابرار حسين ۽ ٻين چيو تـ سنڌ سرڪار توڙي ضلعي ويسٽ جو ڊي سي غلام قادر ٽالپر اسان برسات متاثرن جي ھن وقت تائين ڪا بـ واھر نـ ڪئي آھي اسان کي لاوارث ننڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو ويو آھي جڏھن تـ اسان جي ال اخير ويلفيئر ٽرسٽ وارا وس آھر مدد ڪري رھيا آھن الٽو ايم ڊي اي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر حسنين ايوب صديقي جي فرياد تي اينٽي انڪروچمينٽ پوليس وارن سيد احمد شاھ ڪاظمي عتيق رحمان سومرو ۽ ٻين مٿان متاثرن کي زمين تي ويھارڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو تـ سنڌ سرڪار آخرڪار اسان کي صفا لاوارث ڪري بکن تي مارڻ چاھي ٿي برسات متاثرن جي پاڻ سنڌ سرڪار تـ ڪا مدد نـ ٿي ڪري الٽو اسان جي مدد ڪندڙ سماجي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ھنن چيو تـ وفاقي توڙي سنڌ سرڪار اسان جي جلد واھر ڪري سماجي اڳواڻ سيد احمد شاھ ڪاظمي عتيق رحمان سومرو سميت ٻين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ھوڏانھن سيد احمد شاھ ڪاظمي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ برسات متاثرن کي وس آھر پنھنجي خرچ تي ڪجھ خيما وٺي ڏنا آھن ۽ انھن کي حال آھر کاڌو پڻ ڏئي رھيا آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.