سول جج خيرپور ٽينٽ سٽي پهتو، متاثرن پاران سهولتون نه ڏيڻ جون دانهون

خيرپور ( س ر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت  تعلقه خيرپور جي سٽيزن ڪميٽئ جي چيئرمين سول جج خيرپور سيد نياز علي شاه ۽  ڪاميٽي جي ميمبر  ڊسٽرڪٽ بار خيرپور جي صدر ايڊوڪيٽ سيد جعفر شاه گڏيل طور ٽينٽ سٽي  خيرپور جو اوچتو دورو ڪيو ، دوري دوران   هنن ٽينٽ سٽي ۾ موجود ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ بنيادي ۽ ضروري سهولتن جي انتظامن جو جائزو ورتو ، ان موقعي تي سول جج سيد نياز علي شاه  متاثرين کان رهائش ، کاڌ خوراڪ  ، صحت جي سهولتن ، سيڪيورٽي انتظامن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ، جنهن تي ٻوڏ متاثرين ٻڌايو  ته ٽينٽ سٽي  ۾ ضلعي انتظاميان جي سهڪار  سان  هڪ سو ڏھ ٽينٽ   ۾ رھندڙ  خاندانن کي  3  وقت ماني فراهم ڪئي پئي وڃي ، جڏهن ته ڪجهه خاندان  کي اڃا تائين  ٽينٽ ناهن ڏنا ويا ، متاثرين چيو ته صحت کاتي طرفان صحت جون بنيادي ۽ فرسٽ ايڊ جون سهولتون ڏنيون  ويون آھن ۽ ايمرجنسي  لاء  ايمبولينس جي سهولت 24 ڪلاڪ موجود آھي متاثرين ٿڏي پاڻي جي کوٽ ۽ گرمي ۾ بجلي ۽ پکن جي سهولتن جي کوٽ جي پڻ شڪايت  ڪئي ، جنهن تي سول جج خيرپور سيد نياز علي شاھ انتظاميان کان ناراضگئ جو اظھار ڪيو ۽ متاثرين کي جلد کان جلد ٿڌي پاڻي ۽ گرمي ۾ پکن جون  سهولتون ۽ ٽينٽ مھيا ڪرڻ  لاء ضلعي انتظاميان کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.