سيٺارجا جي اسڪول مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، ٻارن جي تعليم متاثر

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ برسات بند ٿيڻ کي 3 هفتا گذري ويا سرڪاري اسڪول مان پاڻي نيڪال نه ٿي  سگهيو ويتر سيٺارجا شهر جو پاڻي  نالين ذريعي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي جنهن سبب اسڪول جي بلڊنگ ۽ تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي ان سلسلي ۾ علائقي جي سڄاڻ ڌرين پاران ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي هنن چيو ته هڪ برسات جو اڳ ئي اسڪول ۾ پاڻي بيٺل آهي ٻيو وري شهر جو سمورو پاڻي نالين ذريعي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن سبب پاڻي هن وقت تلائن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي جنهن سبب ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي ۽ سرڪاري بلڊنگ کي وڏو نقصان رسي رهيو آهي هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته اسڪول مان پاڻي نيڪال ڪرايو ۽ شهر جو پاڻي اسڪول ۾ ڇڏڻ بدران سم نالي ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.