موري لڳ برسات بعد ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ، واهر جون دانهون

مورو ( ت ر ) مورو لڳ مڪرياري يوسي لنڊڪي ڳوٺ زنوار محمد قاسم زرداري ۽ آس پاس جا ڪيترائي ڳوٺ مون سون جي برساتن بعد مڪمل پاڻي جي زمين ۾ اچي ويا ڪيترائي غريب مسڪين  جا اجھا ڊھي پٽ جڏھن ته فصل مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آھي انھي حوالي سان ڳوٺاڻن غلام رضا عرف وڏل زرداري، ذولفقار علي زرداري، مريد زرداري، غلام اصغر زرداري، سليم زرداري ۽ ٻين زرداري برادري جي ماڻھن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته مڪرياري يوسي لنڊڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙ آھي ۽ ھميشا پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽيندي آھي، پر افسوس سنڌ سرڪار واهر ناهي ڪئي، 7 فٽ پاڻي بيٺل آهي،  مليريا، گيسٽرو، ٽائيفائيڊ  ۽ ٻين بيمارين سبب معصوم ٻار توڙي وڏا خطرناڪ بيمارين جي ور چڙھيل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.