لاڙڪاڻي جي مسيحي قبرستان ۾ پاڻي بيهي ويو، احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي مسيحي برادري جو قبرستان برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ توڙي گيٽ جي چوري خلاف قبرستان ٻاهريان احتجاج ڪيو ويو،  ان موقعي تي مسيحي برادري مسيحي برادري جي چيئرمين حڪومت بيگ، وائيس چيئرمين خوشي پترس مسيح، چوڌري مسيح، پيپلز پارٽي اڳواڻ يوسف مائيڪل، پرويز مائيڪل، نعيم خوشي ۽ ٻين دانهيو ته لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ پيل طوفاني برساتن جي ڪري شهر جي الهه آباد گوليمار واري علائقي ۾ قائم مسيحي برادري جو قديمي قبرستان برساتي پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن ڪري ڪيتريون ئي قبرون مسمار ٿيون آهن پر هن وقت تائين برساتي پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي. هنن الزام لڳايو ته بااثر ٺيڪيدار طرفان هڪ لک 30 هزار روپين جي ماليت جي لڳل مُک گيٽ سميت ٻيو سامان چوري ڪيو آهي، پ پ چيئرمين ڊي سي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.