بٺوري ويجهو موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي نوجوان زخمي

ميرپوربٺورو (ن ع آ)ميرپوربٺورو ويجهو هٿياربندن پاران موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي نوجوان زخمي، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو لڳ آمڙا اسٽاپ جا رهواسي نوجوان گل حسن سومرو ۽ اعجاز لوهار صوفي شاھ عنايت جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته بٺورو ويجهو هٿياربند ڦورن کين روڪي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي نوجوانن مزاحمت ڪئي ته ڦورو کين زخمي ڪندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هوڏانهن زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو جتي کيس طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي، پوليس اسٽيشن ميرپوربٺورو پاران واقعي جي ڪابه ايف آئي آر داخل نه ڪئي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.