غوثپور مان اغوا ٿيل ٻن ڌنارن جي آزادي لاءِ وارثن جو پوليس خلاف ڌرڻو

غوثپور (ن ع آ)غوثپور مان 2, ڏينهن اڳ نامعلوم ھٿياربندن پاران ڳوٺ واحدبخش بجاراڻي واسي اٺ چاريندڙ 2 ڌنار جي بازيابي لاءِ وارثن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ بلاڪ  هجڻ جي ڪري هزار مسافر سخت پريشان ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اسان جي 2 ڌنارن کي غوثپور جي  بي ايس فيڊر تي ليمون ٽاري وٽان هٿياربند هادي بخش ۽ الله بخش جت کي اغوا ڪري ويا پوليس اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي امن امان جي صورتحال خراب ٿي روزانو اغوا جا واقعا معمول بڻيل پوليس ڏوھارين خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي ٻئي  مغوين جا وارث سخت پريشان سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي چيو ته اسان جي حد مان اغوا نه ٿيا آهن مغوين جا وارث پوليس ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ويا ته حد شڪارپور جي ناپرڪوٽ جي ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿيل ويل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.