خيرپور ۾ پوليس اهلڪار جي زيادتين خلاف عورتن جو احتجاج

خيرپور (س ر ) لقمان جي ميتلا محله جو رهواسي عورتون مسمات ڀانا،مسمات بي بي ،فردوس،رفيه،زڪيه ،شهزادي ميتلو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته پنج ڏينهن اڳ مقيم ڦلپوٽو ۽ پنج ڄڻا نامعلوم هٿيارن جي زور تي مسمات پرينا ۽ مهوش کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن جنهن واقعي جي ايف آئي آر بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي پوليس ون فاء انچارج فهيم ڦلپوٽو جي وانگار وهندي جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي  هنن چيو ته جيڪڏهن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسان اڄ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسي جنهن جي ذميواري ايس ايس پي خيرپور تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.