سانگھڙ: ڳوٺاڻن جو دڙو بازار شاخ کي ڪٽ ڏيڻ واري انتظامي فيصلي خلاف احتجاج

سانگھڙ جي ڳوٺاڻن پاران دڙو بازار شاخ کي ڪٽ ڏئي پاڻي ڳوٺن ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ واري انتظاميا جي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ حاجي دين محمد سنگراسي سوڌو سوين ڳوٺن جي رهواسين جاويد رشيد سنگراسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاخ وٽ ڌرڻي هڻي احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي جاويد، محمد خان سنگراسي ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا زبردستي هنن جا ڳوٺ ٻوڙڻ چاهي ٿي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

سندن چوڻ هو ته هنن جي ڳوٺن ۾ اڳ ئي 3 کان 4 فٽ پاڻي بيٺل آهي، فصل تباهه ۽ ڪيترائي ڪري پيا آهن، جنهن لاءِ عدالت ۾ پٽيشن به داخل ڪرائي آهي.

اڳواڻن اعليٰ عدالت ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن ڳوٺ ٻڏڻ کان بچايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.